خيرپور ناٿن شاھہ (شھر): هيءُ ضلعي دادو جو تعلقو ۽ سنڌ جو اهم تاريخي شھر ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هيءُ شھر 27 6 0 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 67 44 0 اتر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن شھر جي مجموعي آبادي 30286 آهي. هن جي اتر اوڀر ۾12 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ميهڙ، 41 ڪلو ميٽر ڏکڻ تي دادو جو شھر ۽ اتر اوڀر ۾ 70 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي لاڙڪاڻو اچي ٿو. 1931ع کان اڳ هن شھر جي حيثيت هڪ تپي جي هئي جيڪو ڪڪڙ تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هو. 1931ع ۾ جيئن دادو ضلعو ٿيو تہ ڪڪڙ تپو ئي رهيو پر خيرپور ناٿن شاھہ ترقي ڪندي، نيٺ تعلقي جي حيثيت ماڻي. هينئر خيرپورناٿن شاھہ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر ۽ ٽائون ڪميٽي آهي، جڏهن تہ خيرپور، ڪڪڙ، سيتا، گوزو، ڳاڙهي وغيرہ هن تعلقي جا اهم شھر آهن. هتي ناٿن شاھہ نالي بزرگ جي مزار آهي جنهن تي هر سال ميلو لڳي ٿو. سنڌ جا ڪافي قديم آثار هن تعلقي ۾ آهن جيئن: خانپور مسجد، شوِ مندر لڳ ٻوڙي، برهان جا قبا ۽ ڪلهوڙن جو اهم ترين قبرستان ’ميان نصير جو قبرستان‘ بہ هن تعلقي جي ڳوٺ ڳاڙهيءَ ۾ آهي. هتان جي ماڻهن ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان تحريڪ دوران شھر جي چوڪ تي ڪيترائي ماڻهو شھيد ٿيا. امير بخش جوڻيجو، ظفر لغاري هن علائقي جا مشھور سياستدان آهن. 2010ع جي مھا ٻوڏ دوران هن شھر کي ٻوڏ جي پاڻيءَ ڪافي نقصان رسايو. جنهنڪري مقامي ماڻهن کي عارضي طور لڏپلاڻ بہ ڪرڻي پئي.