خير خواھہ (اخبار): هن هفتيوار اخبار جو پهريون پرچو 25 جون 1925ع تي نڪتو. هيءَ اخبار ’خير خواھہ‘ پريس مان شايع ٿيندي هئي. هن اخبار جو ساليانو چندو اڍائي رپيا هو. هن اخبار جون شروع ۾ 300 ڪاپيون نڪرنديون هيون، جيڪي 1926ع ۾ وڌي 625 ٿيون. اخبار جي ڇپائي جو معيار سٺو ڪو نہ هوندو هو. سرڪاري خيال مطابق خير خواھہ اخبار جيڪا شروع ۾ ڪجهہ اثر رکندي هئي، اها اڳتي هلي پنهنجو معيار وڃائي ويٺي. آخر ۾ ڪڏهن ڪڏهن نڪرندي هئي ۽ فرقيواريت ڏانهن جهڪيل هئي.