خير شاھہ جو پڙ: حيدرآباد ۾ واقع خير شاھہ جو پڙ (امام بارگاھہ) شھاب سئنيما وٽ واڍن جي پڙ ۾ داخل ٿيندي ئي ساڄي طرف ٿورو اڳڀرو موجود آهي، جتي محرم جي ڏهاڙن ۾ عزاداري ۽ مجلسون منعقد ٿينديون آهن. هن پڙ جو باني خير شاھہ هو ۽ اهو پڙ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ آباد ٿيو. خير شاھہ جي پڙ جي ڀرسان واڍن جو پڙ، جنڊي واڍن جو پڙ، نهال شاھہ جو پڙ، ولايت علي شاھہ جو پڙ، خدا ڏني شاھہ جو پڙ ۽ مائي ڇٽيءَ جو پڙ بہ موجود آهن، جيڪي پڻ عزاداريءَ جا مرڪز آهن.