خير شاھہ 1

خير شاھہ 1: مشھور شاعر خير شاھہ، سچل سرمست جو عقيدتمند هو ۽ رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو، سندس جنم 1190ھہ / 1776ع ڌاري ٿيو، مشھور صوفي شاعر غمدل فقير جي فرزند لطف علي فقير جي روايت موجب خير شاھہ گهڻو ڪري پردي ۾ رهندو هو، سواءِ ڪن ويجهن عزيزن ۽ دوستن جي ڪنهن سان ظاهر طرح نہ مليو. سندس وار ڊگها ۽ کليل هوندا هئا. خير شاھہ ڪافي عرصو پنھنجي مرشد سچل سرمست جي خدمت ۾ رهيو. سچل سرمست کيس تصوف جا نڪتا سمجهايا، اهو ئي سبب آهي جو هن پنھنجي ڪافين ۾ تصوف جا نڪتا سھڻي نموني سمجهايا آهن. خير شاھہ جي ڪلام ۾ شاھہ لطيف ۽ سچل جي شاعريءَ وانگر سورمين جو ذڪر ملي ٿو. هن ڀٽائيءَ وانگر سڀ کان گهڻو سسئيءَ کي ڳايو آهي. خير شاھہ کي سچل سرمست کان فقيري ۽ شاعريءَ وارو ونڊ مليو ۽ هو سچل سرمست جي صحبت ۾ رهي رچي ريٽو ٿيو. سندس ڪلام تصوف، عشق، محبت ۽ نصيحت سان ڀريل آهي. خير شاھہ جي اوتاري تي هر جمعي رات راڳ ويراڳ جي محفل ٿيندي هئي، پري پري جا فقير فقراءَ ۽ راڳ جا شوقين اچي گڏ ٿيندا هئا. کيس هڪ نياڻيءَ جو اولاد هو، جنهن جي شادي لاڙڪاڻي ڀرسان غوثل شاھہ سان ٿي.
خير شاھہ جو ڪلام گهڻو هو، جيڪو هينئر ناياب آهي. سندس ڪجهہ ڪافيون مير حسين علي واري بياض ۾ موجود آهن، اهو بياض حيدرآباد جي ميرن جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. ناليواري شاعر خير شاھہ جي وفات 1260ھہ / 1844ع ڌاري ٿي. کيس اوتاري واري جڳھہ ۾ ئي دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو