خير شاھہ 2: ميان سيد خير شاھہ ولد حاجي امام علي شاھہ 1904ع ڌاري ڳوٺ ڪرائي، ڪوئيٽا ۾ جنم ورتو. سندس وڏا ڪوئيٽا جي ڀر ۾ چئن ميلن جي پنڌ تي ڪرائيءَ جي ڳوٺ جا رهاڪو هئا. ميرن جي صاحبيءَ ۾ سندن بلوچ مريد سنڌ ۾ لڏي آيا هئا، جنهنڪري هي بہ اڪثر سنڌ ايندو رهندو هو. ميان خير شاھہ جا وڏا پهرين سنڌ ۾ گلري نالي ڳوٺ تعلقي ڪنڊياري ۾ لڏي اچي ويٺا. ان کانپوءِ سندس والد ميان امام علي شاھہ 1872ع ۾ نوابشاھہ ضلعي ۾ زمين خريد ڪري نوابشاھہ جي ڀر ۾ پنجن ميلن جي پنڌ تي پنهنجو ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو.
ميان خير شاھہ ابتدائي سنڌي تعليم قديم دستور موجب ملان محمد دائود گهانگهري کان ڄام نور ﷲ ڳوٺ تعلقي ڪنڊياري مان ورتي. پارسي ﷲ بخش سيٺر وٽ پڙهيو، 1925ع ۾ سندس والد وفات ڪري ويو. گهر ۾ وڏو هجڻ سبب ڪاروبار ۽ زمينون سنڀاليائين. جيئن تہ سياسي طور سرگرم هو. پهريون ڀيرو 1923ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاھہ جو ميمبر چونڊيو، 1928ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاھہ جو ميمبر چونڊيو، جنهن تي 1945ع تائين رهندو آيو. 1944ع ۾ مسلم ليگ جماعت ۽ مسلم ليگ وزارت جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو. مسلم ليگ اندر بلوچ گروپ پيدا ڪرڻ لاءِ نوابشاھہ ۾ سيد خير شاھہ جي خلاف بلوچن کي اليڪشن ۾ بيهاريو ويو. 1945ع جي آخر ۾ سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ ٺهيو، جنهن جو هيءُ پڻ ميمبر هو. 1948ع ۾ سيد خير شاھہ وفاقي اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ مسلم ليگ طرفان اميدوار طور چونڊجي ڪاميابي ماڻيائين، 1954ع ۾ خانبهادر ايوب کهڙي ونيونٽ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. ان کان پوءِ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي ميمبرن جون چونڊون ٿيون. شاھہ صاحب نوابشاھہ مان چونڊجي آيو ۽ ريپبليڪن پارٽيءَ ۾ داخل ٿيو. خير شاھہ لاءِ جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”شاھہ صاحب نظرياتي سياست مان گهڻو واقف نہ هو، ليڪن منجهس ڪي خاصيتون آهن، جي زميندار طبقي جي عام سياستدانن ۾ هونديون آهن. هيءُ جوشيلو، بي ڊپو، آزاد خيال وارو سياستدان آهي. هر مقابلي جي ميدان ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد هيءُ سڏ تي لبيڪ چئي اچي حاضر ٿيندو آهي ۽ مخالفن جو ساٿ ڏيندو آهي“.
ميان خير شاھہ 1958ع واري مارشل لا بعد سياست کان ڪنارہ ڪشي اختيار ڪئي. هن 3 مئي 1982ع تي وفات ڪئي. سندس فرزند سيد نذر شاھہ بہ ناميارو سياستدان ٿي گذريو آهي.