خير محمد آريجا جا مدرسا

خير محمد آريجا جا مدرسا: تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ خير محمد آريجا کي اهو شرف حاصل آهي تہ هتان جي هڪ عالم محدث علامہ محمد آريجي 1160ھہ/ 1747ع دوران هڪ ديني مدرسو قائم ڪيو. هن ئي مدرسي مان پير سائين پاڳارو محمد راشد روضي ڌڻي درس نظاميه ۽ دوره حديث شريف پڙهيو. علامہ محمد آريجويءَ کان پوءِ علامہ غلام حسين آريجويءَ هتي ديني مدرسو قائم ڪيو، جتان مولانا تاج محمد آريجوي (جنهن جي فتويٰ مصر مان مستند بڻجي موٽندي هئي) ۽ مولانا حڪيم غلام عمر آريجو (جنهن کي ’سنڌ جو سعدي‘ سڏيو ويندو هو، جنهن مولانا سعدي رحه جي ڪتاب ’ڪريما‘ کي چئن ٻولين ۾ ترجمو ڪيو) فارغ التحصيل ٿيا. مولانا غلام محمد آريجو ساڳئي درسگاھہ ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو جاري رکندو آيو. اڳتي هلي سندس فرزند ارجمند علامہ مفتي محمد هدايت آريجويءَ ساڳئي مدرسي کي ’دارلعلوم جامعہ حسينيه رضويه‘ جي نالي سان متعارف ڪرايو. هن دارالعلوم هڪ وڏي عرصي تائين دين جي جيڪا خدمت ڪئي، سا ساراھہ جوڳي آهي. هن دارالعلوم مان 30 شاخون نڪتيون, جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪم ڪن ٿيون، هن ئي دارالعلوم مان سوين شاگرد حافظ القرآن عالم بڻجي نڪتا آهن. هن مدرسي جو بنياد 21 ذوالحج 1347ھہ /31 مئي 1929ع ۾ رکيو ويو. هي مدرسو ٽن ڪمرن، هڪ ورانڊي تي مشتمل آهي. هن مدرسي جو باني استاد الحاج تاج محمد نور هو، جنهن پنھنجي ذوق و شوق ۽ سخت محنت سان هن مدرسي جو بنياد رکيو. استاد علامہ تاج محمد رضائي ابتدائي تعليم پنھنجي شھر آريجا ۾ ورتي . ان کانپوءِ جناب استاد العلماء علامہ غلام عمر ابو الفيض وٽ مڪمل ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو