
خير محمد خان، استاد
خير محمد خان، استاد: استاد حاجي خير محمد خان ولد استاد نبي بخش خان ٻوڌر (مڱڻهار)، 1898ع ڌاري رياست جيسلمير ويجهو راجا راج چوهاڻ'>پرٿوي راج چوهاڻ جي ڳوٺ ڏيوي ڪوٽ (راجسٿان) ۾ جنم ورتو. هن جو واسطو ڀارت ۾ سنڌي شاعري ڳائيندڙ ڪلاسيڪل گهراڻي سان آهي. ماضيءَ ۾ راجسٿان ۾ هنن مڱڻهارن جي مختلف پنگتن جا 24 ڳوٺ هئا. ورهاڱي کانپوءِ سندن ڳوٺ ’ماڙ‘ ڀارت جو حصو ٿي ويو. ماڙ ڳوٺ ۾ رهڻ ڪري کين ’ماڙيچا‘ سڏيو ويو. خانصاحب حاجي خير محمد خان شروعاتي موسيقيءَ جي تعليم پنھنجي چاچي استاد سومار خان ٻوڌر کان حاصل ڪئي. حاجي خير محمد خان جو وڏو ڀاءُ محمد اسماعيل عرف سڀ رنگ خان، سارنگيءَ ۽ کُماچ جو وڏو ماهر ٿي گذريو آهي. سندس چاچو استاد سومار خان پنھنجي ٻن ڀائٽين سان گڏ سانگهڙ ضلعي جي معروف شخصيت خان وساڻ'>خانبهادر غلام محمد خان وساڻ وٽ اچي رهيو. ڪجهہ عرصو خانبهادر جي مهربانين هيٺ رهڻ کان پوءِ 1911ع ۾ سخي پير ڪالوني، حيدرآباد ۾ گهر ٺاهي اچي آباد ٿيا.
خانصاحب خير محمد خان جو آواز ننڍپڻ کان ئي سريلو هو. هن 1918ع ڌاري ڪلاسيڪي راڳ جي سکيا پٽيالا گهراڻي جي بزرگ بابا امير علي خان کان ورتي.
هڪ ڀيري استاد خير محمد خان، پير پٿوري جي ميلي ۾ تانپوري تي ڪلاسيڪل ڪمپوزيشن ڳائي رهيو هو تہ ماڻهن جي رش دوران هڪ سانوري رنگ جي سنهڙي ڇوڪري هٿ ۾ لوٽو کڻي خيرات بهاني سندس اڳيان اچي بيٺي. خانصاحب ڪجهہ چانديءَ جا سڪا لوٽي ۾ وڌا، پر هوءَ پوئتي نہ هٽي، ماڻهن ان ڇوڪريءَ کي پوئتي هٽايو. اها ڇوڪريجيوڻي ٻائي هئي، جيڪا سندس شاگردياڻي ٿي ۽ اڳتي هلي سنڌ جي نامور ڳائڻي ثابت ٿي. جڏهن هن جا ڪلام گرامون فون ذريعي رڪارڊ ٿيا تہ جيوڻي ٻائيءَ جي ڪلامن جي ڪمپوزيشن خانصاحب خير محمد خان ڪئي.
خانصاحب خير محمد خان جا ڳايل جيڪي ڪلام گهڻو مقبول ٿيا، تن ۾: (1) نہ مار تير پيارا، پيارا تير وارا، (2) منهنجي مارن جو آهي پنڌڙو پري، (3) دلبر لاتو تو سان نينهن، وٺا محبت جا مينهن، (4) رمز رندن جي رول ڇا ڄاڻن، ڪي نر سُڃاڻن ننگ نيهي، (5) تو سان منهنجي دل ڙي الئہ ڇو اڙي آ، (6) مون کي پون ٿا پور، جيجل جوڳيئڙن جا ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
انهن کان سواءِ خانصاحب خير محمد خان جا ٻيا بہ ڪيترا ڪلام ريڊيو دهليءَ ۽ حيدرآباد تان نشر ٿي ۽ مشھور ٿيا. خانصاحب جي شاگردن مان استاد علم الدين خان، مراد فقير، استاد دين محمد خان، استاد شادي فقير، استاد زنوار بسنت، مائي بدرالنساءِ، تيجو خان، استاد خدا بخش خان مڱڻهار، انب، ڪرڙ خان (ڪنڊياري وارو)، عيدل فقير (پيرونمل وارو) ۽ ٻيا مشھور راڳي ٿي گذريا آهن.
استاد خير محمد خان 1964ع ۾ حج جي سعادت بہ ماڻي ۽ 1965ع ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاھہ ٽنڊي يوسف، حيدرآباد ۾ آهي. سندس فرزند اُستاد محمد رمضان مرحوم ۽ پوٽي استاد امير علي بہ ڏاڏي وانگر پنهنجو نالو ڪڍيو آهي ۽ راڳ جي دنيا ۾ پاڻ مڃايو آهي.