خير محمد پشوري

خير محمد پشوري

خير محمد پشوري

خير محمد پشوري (بينجي نواز): خير محمد پشوري، 1929ع ڌاري ٽنڊي يوسف، حيدرآباد ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان راڳ سان شوق هئس. بلاول بيلجيم جي شاگرديءَ ۾ بينجي جي تعليم وٺي ريڊيي حيدرآباد سان لاڳاپجي ويو. اتي وقت جي وڏن گائڪن سان سنگت ڪيائين. جن ۾ استاد محمد جمن، استاد منظور علي خان، محمد ابراهيم ۽ ٻيا شامل هئا. هن جي شاگردن ۾ بينجي نواز محمد عزيز تمام سٺو بينجو وڄائي ٿو، جڏهن تہ ٻيا بہ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيائين.
استاد خير محمد پشوريءَ، 14 مئي 2011ع تي حيدرآباد ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2011.05.14  عيسوي

استاد خير محمد پشوريءَ، 14 مئي 2011ع تي حيدرآباد ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج العاشقين محمد سنڌي
احمد شاھہ ذاڪري
ايس ايم قريشي
خالد محمود سومرو ڊاڪٽر
ڌڻيءَ پرتو سميجو
پٽيل ولڀ ڀائي
قمر ڪوهستاني
غلام حيدر مرڙاڻي
الياس ٿري
آچر فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون