خير محمد ڏاهري

خير محمد ڏاهري: اداڪار خير محمد ولد الھورايو ڏاهري 1 فيبروري 1971ع تي ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. کيس شاگرديءَ واري دور کان اداڪاري ڪرڻ جو شوق هو. اسڪول جي پروگرامن ۾ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. اڳتي هلي ٽي. وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اداڪاريءَ جي سکيا استاد محمد صديق پرهياڙ ۽ فقير محمد عالماڻيءَ کان حاصل ڪيائين. سندس ڊراما سنڌي چئنلن: ڪي. ٽي. اين، مهراڻ، ڌرتي ۽ سنڌ ٽي. وي تي نشر ٿيا آهن. هن بھترين ڪردار نگاريءَ سبب پنھنجي فن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. هن وقت پرائيويٽ ٽي. وي چئنلن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.02.01  عيسوي

اداڪار خير محمد ولد الهورايو ڏاهري 1 فيبروري 1971ع تي ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحڪيم سومرو مولانا
قاسم ڪيهر
حافظ محمد نونداڻي
اختر جهوناڳڙهي
ھدايت ﷲ پريم آخوند ڊاڪٽر
سيد بچل شاھہ تابش نقوي
جينت ريلواڻي
ٽاڊ جيمس
بخاري جمال الدين
رحمت ﷲ مخدوم صدر ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون