
خير محمد کيڙو
خير محمد کيڙو: سنڌي ڊرامن/ٽيلي فلمن جو ڊائريڪٽر خير محمد ولد علي نواز کيڙو، مئي 1976ع ڌاري سڪرنڊ، ضلعي نوابشاھہ (هاڻوڪي شھيد بينظير آباد) ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ پي.ٽي. وي ڪراچيءَ سينٽر تي اسسٽنٽ طور ڪم ڪرڻ لڳو. هن فني سکيا عبدالحميد هاليپوٽي، سائره ڪاظمي ۽ قاسم جلاليءَ کان ورتي. 1994ع ۾ پي.ٽي.وي تي اسسٽنٽ طور
’سج گرهڻ‘ ڊرامي کان پنھنجي فن جو آغاز ڪيو، جنهن ۾ ڊائريڪشن منظور مگسيءَ جي هئي. ان کانپوءِ هن پنهنجو فني ڪيريئر جاري رکيو. بطور هدايتڪار سندس ڊرامن ۽ ٽيلي فلمن جو تعداد 100 کان مٿي آهي، جن ۾ ڪجهہ مشھور هي آهن، سنڌ ٽي.وي تي: زندگي تو بنا، شام، الزام، شمع، سنڌ ڪلاسڪ سيريز، شڪاري، ظالم (سيريل) وغيرہ ۽ ڪي.ٽي.اين تي: ايمرجنسي ڪلينڪ، لاڪيٽ، آسمان جا تارا، ڌرتيءَ جي ڌوڙ، غلام مصطفى-ٽيلي فلم، زهريلا، سنڌو بادشاھہ-ٽيلي فلم، بارود جي جنگ، ﷲ بادشاھہ، وغيرہ عوام ۾ مقبول رهيا آهن. کيس فني مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. هن ڪيترن ئي نوجوانن جي تربيت ڪئي آهي، جن ۾ خالد شاھہ، اسلم مغل، علي سعيد،
زبير ساحل، سٺو نالو ڪمائي چڪا آهن. خير محمد کيڙو هڪ محنتي ۽ پنھنجي فن سان محبت ڪندڙ انسان آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.