خيمو

خيمو

خيمو

خيمو: خيمو، تنبوءَ جو قسم ۽ ٿلهي ڪپڙي ۽ مضبوط چادر يا چمڙي جو ٺاهيل عارضي گهر هوندو آهي، اڪثر سفر ۾ سردي ۽ گرميءَ جي بچاءَ لاءِ خيما ڪم آندا وڃن ٿا. ان کان سواءِ هنگامي حالتن،زلزلي يا ٻوڏ متاثر ماڻهن جي پناھہ لاءِ بہ خيمو عارضي گهر طور ڪتب آندو وڃي ٿو، آڳاٽي وقت ۾ خيما جنگي سپاهين جي رهائش لاءِ بہ ڪتب ايندا هئا.
خيمن جو ذڪر شاھہ عبداللطيف رحه پڻ ڪيو آهي:
ڪربلا جي پڙ ۾، خيما کوڙيائون‘
ڪربلا جي ميدان تي حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ ساٿين خيما کوڙايا هئا.


لفظ خيموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو