خٽڪ (قبيلو): خٽڪ ڪرلاني افغانن جو هڪ قبيلو آهي. هن قبيلي جا اڪثر ماڻهو خيبر پختونخوا صوبي ۾ رهن ٿا. هن قبيلي جي اصليت بابت عالمن ۾ اختلاف آهي. اسلامي دؤر جي آغاز وقت خٽڪ قبيلي جا مختلف سلسلا ڪوه سليمان ۾ آباد هئا. ان کان سواءِ خٽڪ ڪوه سليمان ۽ سنڌو درياھہ جي وچ وارن ميدانن ۾ بہ آباد رهندا اچن. مشھور پشتو شاعر خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ پنھنجي قبيلي جي تاريخ بہ لکي هئي. خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ، پنھنجي قبيلي جو سردار، محب وطن شاعر ۽ مغل بادشاهن جو سخت مخالف هو. خٽڪن جا مشھور ماڳ، اڪوڙه خٽڪ، شھباز ڳڙھہ، ڪالاباغ ۽ مکڊ آهن. خٽڪ بھادر ۽ ويڙهاڪ آهن. ان سان گڏ محنتي، همت ڀريا، هوشيار هاري، واپار ۽ ڪاروبار جا ماهر آهن. هن ذات وارن ۾ جبار خٽڪ مشھور سماجي اڳواڻ جيڪو ”عوامي آواز“ جو چيف ايڊيٽر بہ آهي.