خچر

خچر

خچر

خچر (Mule): گڏھہ ۽ گهوڙي مان پيدا ٿيندڙ جانور، جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بار کڻڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. خچر جا ڪن ۽ منڍي گڏھہ جھڙا ٿين، جڏهن تہ قدبت گهوڙي وانگر هوندو آهي، برداشت جي طاقت، هلڻ ۽ عمر جي لحاظ کان هيءُ جانور گڏھہ يا گهوڙي کان بهتر آهي، جهن کي بار ڍوئڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. خاص ڪري جابلو علائقن ۾ خچر بار کڻڻ لاءِ نهايت موزون ثابت ٿيندو آهي. سنڌ جي اتر واري علائقي، دادو، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۾ هنن جو نسل موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو