دئيت: دئيت بنيادي طور سنسڪرت جو لفظ آهي. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ دئيت جي معنيٰ ’راڪاس ۽ خطرناڪ‘ ڄاڻايل آهي.
دئيتن يا بدروحن جو تصور هر قوم ۽ هر مذهب ۾ ملي ٿو. سمورن مذهبن ۾ ’دئيت‘ کي شيطان، برن عملن ڏانهن ڌڪيندڙ، ظالم، انسان ۽ خدا جو دشمن قرار ڏنو ويو آهي. هندن جي ڌرمي ڏندڪٿائن موجب دئيت تمام طاقتور، ڏسڻ ۾ بي ڊولا ۽ ڀوائتا، نه ختم ٿيندڙ ۽ وري وري جنم وٺندڙ هوندا آهن. اهي انسانن ۽ ٻين ساهوارن کي آزارين ٿا ۽ مٿن ظلم ڪن ٿا. اهي تمام ڏنگا ۽ خدا جي حڪم جا نافرمان ٿين ٿا. رگ ويد ۾ به دئيتن جو ذڪر آيل آهي. پراڻن موجب برهما کي ڏهه پُٽَ هئا. انهن مان وڏي جو نالو مارڪي (Marici) هو، جنهن کي ڪاسيپ (Kasyapa) نالي پُٽ هو. ڪاسيپ کي 13 زالون هيون، جنهن مان هڪ جو نالو دِتي(Diti) هو، جنهن مان پيدا ٿيل پُٽن کي دئيت (Daityas) چون ٿا.
پروفيسر راٿ (Rath) جي خيال موجب ته: ”دئيت هميشه رهڻ وارا آهن ۽ آسمان جا ديوتا انهيءَ دائميت جو اولاد آهن.“
هندن جي ڏندڪٿائن موجب آسمان ۾ ڪيترائي دئيت موجود آهن، جيڪي برسات وسڻ کان روڪين ٿا، انهن سان منهن ماريون ڪن ٿا، خوفناڪ طوفائن لڳائين ٿا، ٻوڏون آڻين ٿا، ٻنيون سُڪائين ٿا، هوا کي روڪين ٿا. دئيتن جو وڏو سردار ’ورتر‘ آهي. آسمان ۾ موجود ڪارا ڪڪر اُنهن دئيتن جا ڪوٽ ۽ قلعا آهن، جن ۾ اُهي رهن ٿا. اهي دئيت، اندر ديوتا کان ڊڄن ٿا. رگ ويد ۾ ورتر دئيت جو ٻيو نالو نانگ ڄاڻايو ويو آهي.