دائم فقير: دائم فقير، صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. ’صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ڄاڻائي ٿو تہ: ’صوفي شاھہ عنايت جي سلسلي جي فقيرن مان دائم فقير سٺو شاعر ۽ صوفي هو. دائم فقير ڪافيءَ جي مشھور شاعر محمد فقير کٽياڻ جو ٻالڪو ۽ ان جي سنگ ۾ شامل فقيرن مان هو. هي ڪڏهن ڪڏهن محمد فقير سان گڏجي ڳائيندو بہ هو. کيس محمد فقير کٽياڻ جو تمام گهڻو ڪلام ياد هوندو هو.
پاڻ بہ چڱو شاعر هو. سندس ڪلام مان هڪ سرائيڪي بيت هيٺ ڏجي ٿو:
راز رندي وچ سمجهن سالڪ، بيرنگي دا بحر بياض،
عارف عشق دي بازي کيڏن، نينان وانگي ننگي ناز،
سورهيه ويکن سير صورت دا، پرؤن پل پل ڪر پرواز،
صوفي مظهر مام سڃاتي، انحد والي الٽ آواز،
دائم دل وچ ديد اڙا ڪي، ثابت ڪيتا سر دا ساز.