دائودپوٽا

دائودپوٽا (ذات): دائودپوٽن بابت ايس. ايم. چنا پنھنجي ڪتاب Encyclopedia of Indian Tribes and Castes ۾ لکيو آهي ته، دائودپوٽا، بھاولپور جا حڪمران رهيا آهن، پاڻ کي عباسي سڏائين ٿا ۽ سنڌ کان سواءِ ملتان ۽ ان جي آس پاس رهن ٿا، ڇو تہ ڪنهن وقت ملتان سنڌ جو حصو هو. دائودپوٽا پاڻ کي محمد خان ٻئي جو اولاد سڏائين ٿا ۽ ڏهين پيڙهيءَ ۾ سـندن شـجـرو دائـود خان اول سان ملي ٿو. محمـد خان ٻئي کي ٽي پٽ هـئـا: (1) فيروز خان، (2) عارب خان، جنهن مان عارباڻي ٿيا ۽ (3) ايسب خان، جنهن جا پونير ايسباڻي يا هيسباڻي سڏجن ٿا. فيروزاڻي پاڙو بھاولپور جي حڪمرانن جو پاڙو آهي. هنن جا پونير شمساڻي سڏجن ٿا، جي شاھہ محمد خان جو اولاد آهن. عارباڻين جا وري پنج پاڙا آهن: (1) موسائي، (2)رڪڻاڻي/ رڪراڻي، (3) رحماني، (4) جمبراڻي ۽ (5) ڀمبراڻي. موساڻين مان وري ڪنداڻي ٿيا، پر هيسباڻين جو ٻيو ڪو بہ پاڙو نہ آهي. ٻيا بہ ڪيترا پاڙا پاڻ کي دائودپوٽا سڏائين ٿا، پر اهي محمد خان- II جو اولاد نہ آهن.
دائودپوٽن جو بھاولپور ۾ گهڻو اثر آهي، جيڪي پاڻ کي عباسي سڏائين ٿا، ڪي دائودپوٽا پاڻ کي سنڌي نسل تسليم ڪندي راجپوت بہ سمجهن ٿا. دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جو ڏاڏو هڪ ئي آهي. امير چني کي ٻہ پٽ محمد دائود اول ۽ محمد مهدي ٿيا. دائود جو اولاد دائودپوٽا سڏيا ويا، جن ڪجهہ وقت شڪارپور تي بہ حڪومت ڪئي. محمد مهديءَ کي ابراهيم يا ڪلهوڙو خان سڏجي ٿو. هن جو اولاد ڪلهوڙو/ ڪلهوڙا اڳتي هلي سنڌ جا حڪمران ٿيا.
ان لحاظ کان ڪلهوڙا ۽ دائودپوٽا پاڻ ۾ سؤٽ ٿين. ڪننگهام لکي ٿو تہ نادر شاھہ جڏهن شڪارپور تي قبضو ڪري، ان کي پنھنجي راڄ شاهيءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو تہ هن دائود پوٽن کي اڳتي آندو. ’سکن جي تاريخ‘ ۾ دائود پوٽن کي لنگها ۽ جويا بہ سڏيو ويو آهي. ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ لکيل آهي تہ سنڌ جا ڪلهوڙا (عباسي) ٻن خاندانن ۾ ورهائجي ويا، جيڪي سنڌ جا حڪمران ٿيا، انهن پاڻ کي ڪلهوڙا چورايو ۽ دائود خان جي اولاد بھاولپور جي حڪومت جو بنياد وجهي، پاڻ کي پنھنجي ڏاڏي دائود خان جي نسبت سان ’دائودپوٽا‘ سڏايو.
ڪتاب ’قديم سنڌ، ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو‘ ۾ مرزا قليچ بيگ (ص: 308 ۽ 309 تي) لکيو آهي تہ ”دائود پوٽا عباسي ڪلهوڙن جي ڄام چيني جي پوٽي ’دائود‘ جو اولاد آهن، اهي پاڻ کي اصل عباسي خليفن جي اولاد ’امير احمد‘ جي نسل مان ڄاڻائين ٿا. اهو مڪران مان سنڌ ۾ آيو، جتي هن ۽ سندس پٽ هندن مان شاديون ڪيون ۽ هندو راجائن جي مدد سان هي حاڪم ٿي ويٺا. برهمڻ هندو راجائن، هنن سان وڙهي کين درياھہ ٽپائي ڇڏيو. پوءِ هي سيوهڻ جي ڀرسان ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ ويٺا. ڄام چيني پنھنجي ڀائٽي ڪلهوڙي سان جنگ ڪئي ۽ تنگ ٿي سنڌ جي اتر طرف هليو ويو، جتي سندس خاندان ٽلٽي شھر ۾ رهيو. انهن مان ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو اعليٰ رتبي وارو ٿي گذريو آهي. سنڌ جو اڳوڻو گورنر ۽ رٽائرڊ ايئرمارشل محمد عظيم دائود پوٽو سندس فرزند آهي.
هڪ ٻيو ليکڪ لکي ٿو تہ محمد بن چينو ستن هندو راڻن جي مدد سان سردار ٿيو. انهن ستن راڻن جي ڌيئرن سان شادي ڪري ’ڄام‘ جو لقب حاصل ڪيائين. کيس ٻارهن زالن مان ارڙهن پٽ ٿيا، جن کي وري ڪيترو اولاد پيدا ٿيو، انهن مان ’دائود‘ نالي هڪڙو پٽ راڻي چيني ولد ڏيٿي جي ڏهٽي مائي چوليا مان پيدا ٿيو، دائودپوٽا ان دائود جو اولاد آهن.“
ذاتين جي اڀياس مان خبر پوي ٿي تہ: ’دائود‘ اصل ۾ ’ڪوري‘ هو، ان جي اولاد پاڻ کي ’ڪوري‘ ۽ ’دائود پوٽا‘ سڏايو. مغل بادشاهن اڪبر ۽ اورنگزيب هنن کي لکيءَ ۽ خانپور جون جاگيرون عطا ڪيون. 1026ھہ/1667ع ڌاري شير خان مھر کان بھادر خان دائودپوٽي (ڪوري) وڙهي سندس شڪارگاھہ ڦري ڦٻائي ورتو ۽ پوءِ ان شڪارگاھہ تي شھر اڏائي ’شڪارپور‘ جو نالو ڏنائين. ٽماهي مهراڻ نمبر 4، سال 1989ع ۾ نصرپور جي احوال ۾ لکيل آهي تہ دائود پوٽا ڪورڪو ڌنڌو ڪندا هئا. دونگهہ، سکيائي، ليکي، درس ۽ خليفا هنن جا پاڙا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ (ص: 2) ۾ ’شاهوڪسماٽ ذات جا جيڪي پاڙا لکيا آهن، تن مان هڪ پاڙي جو نالو ’دائودپوٽا‘ آهي. هي دائودپوٽا، لسٻيلي کان نقل مڪاني ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويا آهن.
هن ذات بابت مرزا قليچ بيگ ڪتاب ’قديم سنڌ: ان جا شھر ۽ ماڻهو‘ ۾ اهو بہ لکيو آهي تہ هي پاڻ کي اصل عباسي خليفن مان ڪوٺائيندا آهن ۽ سنڌ ۾ آيا تہ ٻني ٻاري ۽ ڪپڙن اڻڻ جو ڪم ڪري پيٽ قوت ڪندا هئا. سندس ڏاڏو ٻہ سو سالن جو هو ۽ ان جي نالي پٺيان پاڻ کي دائودپوٽا چوائڻ لڳا.


لفظ دائودپوٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو