
دائودپوٽو، صادق محمد عباسي اول
دائودپوٽو، صادق محمد عباسي (اول): نواب صادق محمد خان (اول) دائودپوٽو، امير محمد مبارڪ خان دائودپوٽي جو پٽ هو. دائودپوٽا ۽ ڪلهوڙا حڪمران پاڻ کي عباسي سڏائيندا هئا، جيڪي ٻئي هڪ ئي خاندان ۽ ڏاڏي مان هئا. محمد چيني خان کي ٻہ پٽ ٿيا، هڪ محمد مهديءَ ۽ ٻيو دائود خان. محمد مهدي جو اولاد ڪلهوڙا ۽ دائود خان جو اولاد دائود پوٽا سڏيا ويا. هنن ٻنهي ۾ اختلاف هئا ۽ خاص ڪري ميان يار محمد خان جي دؤر ۾ ٻنهي جي وچ ۾ سخت خونريز ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي.
ميان يار محمد کانپوءِ ميان نور محمد خان ڪلهوڙو تخت نشين ٿيو تہ هنن ٻنهي شاخن ۾ ٻيهر لڙائيون شروع ٿيون. لڙائين جي ڪري دائودپوٽن پاڻ کي شڪارپور تائين محدود ڪري ڇڏيو، پر اختلاف وڌندا ويا، جڏهن نوبت جنگ تي وڃي پهتي تہ دائودپوٽن جي رئيس امير محمد مبارڪ خان عباسيءَ 1136ھہ/ 1723ع ۾ پنھنجي پٽ نواب صادق محمد خان اول عباسيءَ کي پنهنجو جانشين ۽ سردار مقرر ڪري ڇڏيو. دائودپوٽا نئين سردار جي خوشيءَ سبب جشن ۾ مصروف هئا تہ ميان نور محمد ڪلهوڙي، مير شھداد خان ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ لشڪر موڪلي شڪارپور تي حملو ڪرايو، پر دائود پوٽن ترت تيار ٿي جوابي ڪارروائي ڪئي، جنهن سبب ڪلهوڙن جو لشڪر ڀڄي ويو. ڪن روايتن مطابق اها جنگ پندرهن ڏينهن تائين جاري رهي، پر فيصلو نہ ٿيو ۽ ٻنهي ڌرين جو ڪافي نقصان ٿيو، جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿيو.
انهيءَ عرصي دوران امير محمد مبارڪ خان وفات ڪئي، جنهن کانپوءِ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي دائودپوٽن کي تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون. آخرڪار صفرالمظفر 1138ھہ/ آڪٽوبر 1725ع ۾ مير شھداد خان ٽالپر، پليو خان ڪلهوڙو، قبول خان چانڊيو، ملان جنيد، شاھہ بھارو ۽ ميان تاجو ليکي شڪارپور فتح ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيا. ڪلهوڙن جيئن ئي شڪارپور تي حملو ڪيو، دائودپوٽن جي فوج جوابي ڪارروائي ڪئي، پر جنگ ۾ ڪلهوڙن کي فتح حاصل ٿي. نواب صادق محمد خان عباسي پنهنجن مٽن مائٽن ۽ لشڪر سميت شڪارپور مان نڪري ’دٻلي ٻيٽ‘ ۾ وڃي رهيو. نواب صادق محمد خان عباسي دٻلي ٻيٽ ۾ خوشيءَ سان آباد ٿيو. دٻلي ٻيٽ سرسبز هجڻ ڪري دائودپوٽا تمام گهڻا خوشحال ٿيا، اهو ڏسي ميان نور محمد ڪلهوڙي هڪدم مير شھداد خان ٽالپر کي لشڪر ڏئي دٻلي ٻيٽ فتح ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. مير شھداد خان ٽالپر 1139ھہ/1726ع ۾ لشڪر پاڻ سان گڏ ڪري، دٻلي ٻيٽ تي حملو ڪيو. ان جنگ ۾ ڪلهوڙن جو گهڻو نقصان ٿيو، پر مير شھداد خان ويڙھہ ڪندو رهيو. جنگ دوران جڏهن ٻنهي ڌرين جو گهڻو رت وهيو، تڏهن اُچ جي ٽن سيدن وچ ۾ پئي جنگ بند ڪرائي. ان کانپوءِ جلد 1140ھہ/1728ع ۾ دائودپوٽا اُچ جي سيدن جي سڏ تي دٻلي ٻيٽ مان نڪري وڃي ملتان جي علائقي پهتا. سنڌ تي جڏهن ’نادر شاھہ افشار‘ حملو ڪيو تڏهن نادر شاھہ شڪارپور جو علائقو وري نواب صادق خان عباسيءَ جي حوالي ڪيو.
نواب صادق محمد خان عباسي اول کي جڏهن نادر شاھہ افشار شڪارپور حوالي ڪيو تہ هو ستن ڏينهن اندر اهل و عيال ۽ لشڪر سميت شڪارپور پهتو، پر ڪلهوڙن وڏي چالبازيءَ سان مرزا عسڪر علي کي نواب صادق کان ڦيري ڇڏيو ۽ مرزا عسڪر جي اچڻ سان شڪارپور ۾ خانہ جنگي شروع ٿي وئي. انهيءَ دوران باغين قلعي ۾ گهڙي نواب صادق عباسيءَ کي گولي هڻي شھيد ڪري ڇڏيو ۽ شڪارپور ٻيهر ڪلهوڙن جي قبضي هيٺ اچي ويو. هي واقعو 1160ھہ/1747ع ۾ ٿيو.