دائودپوٽو، عبدالڪريم منشي: منشي عبدالڪريم ولد خليفو محمد صالح دائودپوٽو ، 22 اپريل 1892ع تي پير ڳوٺ، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. سندس وڏا روهڙيءَ جا رهواسي هئا. سندس والد پير علي گوهر شاھہ جو خليفو هو. هن قرآن شريف پڙهڻ کان پوءِ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. پير شاھہ مردان شاھہ کيس ٻنين جي حساب لاءِ منشي مقرر ڪيو. شاھہ مردان شاھہ اول جي وفات کان پوءِ 1919ع ۾ خيرپور رياست جي واليءَ جو منشي ٿيو ۽ بعد ۾ جهنگلات/ ٻيلن جو سنڀاليندڙ مقرر ڪيو ويو، جتان 1951ع ڌاري رٽائر ٿيو. نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ بعد درگاھہ روضي ڌڻيءَ (پير پاڳاري) تي عريضي نويس ٿي رهيو. هي عروض جو پختو شاعر هو. شاعريءَ ۾ ’سيف‘ ۽ ’عبد‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. سندس شمار قادرالڪلام شاعرن ۾ ٿئي ٿو. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. سندس شاعريءَ جو موضوع مجازي عشق جي بيان تي منحصر آهي. هن سنڌي ۽ فارسي زبان ۾ شاعري ڪئي آهي. هن توحيد، نعت خواني، راشدي خاندان جي تعريف ۾ شعر ۽ ان وقت جي حالتن تي پڻ شعر چيا آهن. سندس ڪلام پختو ۽ بلند پايي جو آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ خاص حيثيت رکي ٿو.
1892.04.22 عيسوي
منشي عبدالڪريم ولد خليفو محمد صالح دائودپوٽو ، 22 اپريل 1892ع تي پير ڳوٺ، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو.