دائودپوٽو، محمد مبارڪ خان عباسي (اول): دائود پوٽن جي رئيس بهادر خان ثانيءَ جي وفات کانپوءِ سندس فرزند نواب محمد مبارڪ خان اول عباسي تخت نشين ٿيو. دائود پوٽن کي بختيار خان ڏاڍو تنگ ڪيو هو. آخرڪار امير نواب محمد مبارڪ خان 1 ربيع الاول 1113هه/ 26 جولاءِ 1701ع تي تنگ ٿي، پنهنجن عزيزن ۽ ملازمن مان 300 ماڻهو پاڻ سان وٺي ملتان روانو ٿيو، اتي هن وڃي مغل شهزادي کي بختيار خان جي دانهن ڏني. ملتان ۾ انهيءَ وقت بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ شاهي فوج سان گڏ دائودپوٽا به وڏي بهادريءَ سان وڙهيا، جنهن کانپوءِ شاهي فوج کي فتح حاصل ٿي. ان کانپوءِ مغل شهزادي امير محمد مبارڪ خان کي شاهي منصبدار بڻايو. مغل شهزادو امير مبارڪ جي فرياد ٻڌي شاهي لشڪر وٺي سنڌ روانو ٿيو. شڪاپور شهر ۾ بختيار خان هن فوج سان جنگ ڪئي، پر جنگ ۾ مارجي ويو. مغل شهزادي جي حڪم تي بختيار خان جي لاش کي چئن ٽڪرن ۾ ورهايو ويو، جنهن کان پوءِ هر هڪ ٽڪرو شڪارپور، بختيارپور، خانپور ۽ بکر ۾ٽنگيو ويو. ان کان پوءِ دائودپوٽا شڪارپور ۾ وڏي عيش و عشرت سان حڪومت ڪرڻ لڳا، گھڻي عرصي کانپوءِ تقريباً 1130هه/1718ع ڌاري ميان يار محمد خان ڪلهوڙي ۽ امير محمد مبارڪ خان عباسيءَ جي وچ ۾ اختلاف شروع ٿيا، انهن اختلافن وڃي خونريز جنگ جي صورت اختيار ڪئي ۽ ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي، جيڪا ڇهه ڏينهن هلندي رهي.
’مرات دولت عباسيه‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ”ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جي انهيءَ خونريزيءَ واري جنگ ۾ ٻنهي ڌرين جي لاشن جا ڍير لڳي ويا ۽ خون جون نديون وهڻ لڳيون.“
ٻنهي ڌرين ۾ جنگ شروع ٿيڻ جي ستين ڏينهن جڏهن ٻنهي ڌرين ۾ جنگ شروع ٿي ته دائود پوٽي امير محمد مبارڪ خان کي خيال آيو ته خون وهائڻ مان ڪجهه به نه ورندو. انهيءَ کانپوءِ هن هڪدم ميان يار محمد خان ڏانهن صلح جو پيغام موڪليو. صلح ۾ اهو فيصلو ٿيو ته قبضي ۾ آيل علائقا دائودپوٽا پنهنجا پوکيل فصل کڻي خالي ڪري ڏين ۽ محمد واهه کي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سرحد مقرر ڪيو ويو. انهيءَ صلح کانپوءِ گھڻي عرصي تائين جنگ نه ٿي. جڏهن ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جو دؤر آيو ته وري حالات نازڪ ٿي ويا. محمد مبارڪ خان کي پڪ ٿي ته لڙائي ضرور ٿيندي. انهيءَ ڪري هن 1136هه/1723ع ۾ پنهنجي پٽ نواب صادق محمد کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو.
امير نواب محمد مبارڪ خان عباسيءَ محرم الحرام 1139هه/ آگسٽ 1726ع ۾ وفات ڪئي.