
دائودپوٽو، محمد مبارڪ خان عباسي ثاني
دائودپوٽو، محمد مبارڪ خان عباسي (ثاني): نواب محمد بھاول خان عباسيءَ (اول) جي وفات کانپوءِ سندس ننڍو ڀاءُ دائودپوٽو محمد مبارڪ خان ثاني عباسي تخت نشين ٿيو ۽ 1162ھہ/1749ع ۾ بھاولپور جو حاڪم بڻيو. هن حاڪم ٿيندي ئي فلاحي ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، 1164ھہ/ 1751ع ۾ جيسلمير تي حملو ڪري مروٽ جو قلعو فتح ڪيائين. نواب محمد مبارڪ خان ثانيءَ جي اثر رسوخ کي ڏسي احمد شاھہ ابدالي فڪرمند ٿيو ۽ پنھنجي هڪ جرنل جھان خان کي اُچ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليائين. جھان خان 1164ھہ/ 1751ع ڌاري اُچ تي حملو ڪيو، پر کيس نواب محمد مبارڪ هٿان شڪست ملي. 1171ھہ/ 1757ع ۾ جڏهن ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي پنهنجن ٻن ڀائرن ميان عطر خان ڪلهوڙي ۽ ميان احمد يار خان ڪلهوڙي سان جنگ لڳي تہ نواب محمد مبارڪ خان عباسي ثاني غلام شاھہ جو سـاٿ ڏنـو. ميـان غــلام شـاھہ ڪلهـوڙي بيـڪانيـر مـان پنهـنجـو وڪيـل، محمد مبارڪ خان عباسيءَ ڏانهن بھاولپور موڪليو تہ منهنجي لاءِ امن سان رهائش جو انتظام ڪيو وڃي، انهيءَ تي نواب محمد مبارڪ، ميان غلام شاھہ ڏانهن سفير موڪليو تہ اوهان بنا ڪنهن تڪلف جي هيڏانهن هليا اچو، هيءَ گهر اوهان جو پنهنجو آهي. انهيءَ کانپوءِ ميان غلام شاھہ جلد وڃي بھاولپور پهتو، انهيءَ وچ ۾ سنڌ جون حالتون خراب ٿي ويون. ميان غلام شاھہ هڪدم نواب محمد مبارڪ خان سان مشورو ڪري، کانئس مدد گهري. محمد مبارڪ خان پنھنجي عزيزن مان محمد فتح خان (نواب محمد مبارڪ جو ڀاءُ)، مهرو خان، احمد خان فيروزائي ۽ محمد ڄام علياڻيءَ کي ميان غلام شاھہ سان موڪليو. جنگ ۾ ميان غلام شاھہ کي فتح حاصل ٿي ۽ هو سنڌ جو حاڪم ٿيو. 1766ع ۾ سکن بھاولپور تي حملو ڪيو، پر نواب محمد مبارڪ خان ثانيءَ کين شڪست ڏني. هن پنھنجي حڪومت دوران مبارڪپور، احمدپور شرقيه، سبزل ڪوٽ، دين ڳڙھہ، سردار ڳڙھہ، ڳڙهي اختيار خان، خيرپور وغيرہ جھڙا شھر آباد ڪرايا.
هن 1772ع ۾ وفات ڪئي.