دائود بلوچ

دائود بلوچ

دائود بلوچ

دائود بلوچ: ناليواري ڪهاڻيڪار، ناشر دائود بلوچ جو پورو نالو محمد دائود ولد شير محمد خان جمالي بلوچ هو. هن 1938ع ڌاري ڳوٺ پاهڙ خان جمالي تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. محمد دائود بلوچ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد اديب عالم ۽ اديب فاضل جا امتحان ۽ بي. اي ڪئي. پيشي جي لحاظ کان استاد هو. نوڪريءَ دوران پ. ٽ. الف ۾ سرگرم رهيو. رٽائر ٿيڻ بعد آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو تاحيات مرڪزي صدر رهيو. ون يونٽ دوران سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت پاران هلايل تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. محمد دائود بلوچ 1954ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو. سندس پهرين ڪهاڻي ’سنڌ خاطر‘ هئي. سندس ڪتابن ۾: ’منهنجا ڀاڳ، هن جا ڀاڳ‘ (ڪهاڻيون)، ’اکڙيون مون اُڃاريون‘ (ڪهاڻيون)، ’انصاف ڪٿي آهي‘ (ڪهاڻيون)، ۽ ٻه ترجمو ڪيل ڪتاب ’ڏهين جو نوٽ‘ ۽ ’وفادار دوست‘ ۽ ٽي مرتب ڪيل ڪتاب ’ڪهاڻي‘ 1980ع، ’ڪهاڻي نمبر‘ 1982ع ۽ ’چار ڪهاڻيڪار چار نقاد‘ وغيره شامل آهن. مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون ڇپبا رهيا آهن. سندس لکڻين جا مکيه موضوع طبقاتي جدوجهد، سنڌيت ۽ پيڙيل طبقن جي حمايت رهيا آهن. محمد دائود بلوچ 1979ع ۾ ’منصور‘ نالي سان هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو، جنهن طرفان ڪيترا ڪتاب ڇپيا ويا آهن. هن روسي سفارتخاني طرفان منعقد ڪرايل ’طلوع ادبي انعامي چٽا ڀيٽيءَ‘ ۾ لينن تي مضمون لکي ٽيون نمبر انعام حاصل ڪيو. سندس هڪ ڪهاڻي ايشيائي اديبن جي حوالي سان ’ڏاند‘ عنوان سان انگلنڊ ۾ شايع ٿي. ان کانسواءِ سندس لکڻيون سنڌ توڙي هند جي ڪيترن رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. محمد دائود بلوچ 14 آڪٽوبر 1996ع تي وفات ڪئي.


لفظ دائود بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو