دائود بن يزيد: خليفي هارون عباسيءَ، 184هه/ 800ع ۾ بن يزيد'>دائود بن يزيد کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن پنهنجي ڀاءُ مغيره کي نائب بنائي مڪي مان سنڌ ڏانهن موڪليو. اڃا هو رستي ۾ ئي هو ته کيس نزارين جي بغاوت جي خبر پئي، پر حڪومت وٽ انهن نزارين کي ختم ڪرڻ جيتري طاقت نه هئي. نزارين پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته سڄيءَ سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائجي. هڪڙو حصو قريشين کي ڏنو وڃي؛ ٻئي حصي ۾ قيس وارا رهن، ٽئين حصي ۾ ربيع وارا رهن ۽ چوٿين حصي ۾ نزاري رهن، باقي يمانين کي لوڌي ڪڍجي. نزارين منصوره جا در بند ڪري ڇڏيا ۽ مغيره کي شهر ۾ اچڻ نه ڏنو، نتيجي طور نوبت جنگ تائين وڃي پهتي. نزاري مضبوط هئا، ان ڪري يمانين کي مغيره سميت شڪست ڏنائون. مغيره ٻني شهر ۾ وڃي رهيو. دائود ڀاءُ جي شڪست جو ٻڌي، وڏي لشڪر سان سنڌ تي ڪاهي آيو. واٽ تي کيس جيڪي به نزاري نظر آيا، تن کي شڪست ڏنائين ۽ منصوره وٽ اچي پهتو.
ويهن ڏينهن جي جنگ کانپوءِ نزارين شهر جا دروازا کوليا. دائود سڀني کي سخت سزائون ڏنيون، جن جن شهرن ۾ سندن محلا هئا، سي ساڙائي ڇڏيائين. گھڻي خونريزيءَ کانپوءِ منصوره تي قبضو ڄمائي ورتائين. دائود شهر جي هر هڪ حصي مان نزارين کي لوڌي ڪڍيو ۽ حڪومت کي ٻيهر مضبوط ڪيو. ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ عرب دؤر‘ ۾ لکي ٿو ته، دائود، هارون عباسيءَ جي دؤر جو آخري گورنر هو، جيئن ته پاڻ يمن جو هو، ان ڪري هن معزين قبيلي جي عربن کي تڪليف ڏيڻ شروع ڪئي، جنهنڪري سنڌ ۾ ڪيترن هنڌن تي فساد ٿيا. معزين قبيلن گڏجي سنڌ جي عرب تختگاهه منصوره تي حملو ڪيو، پر دائود ڏاهپ کان ڪم وٺي، سنڌي جت قبيلن کي پنهنجي طرف ڪيو، جن خونريز جنگ کانپوءِ معزين کي شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيو.
هي واقعو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جنگ ۾ نزاري (حجازي يا مغيري) عربن جي طاقت کي وڏو ڌڪ لڳو، ليڪن ٿوري وقت ۾ اهي ٻيهر طاقت حاصل ڪري ويا. بن يزيد'>دائود بن يزيد سنڌ ۾ جنهن عرب قبيلي کي گھڻو تنگ ڪيو، ان کي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ مولائي شيدائي ’بنو نزار‘ قبيلو ڄاڻايو آهي ۽ ’سنڌ- عرب دؤر‘ ڪتاب ۾ ممتاز پٺاڻ ان قبيلي کي ’بنو معز‘ قبيلو لکيو آهي.