دائود سھتو

دائود سھتو: ’تاريخ طاهري‘ ۾ سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”ڄام ارباب عمر شاھہ درٻيلي ضلعي ۽ اتي جي اربابن ۽ سهتن جو حاڪم هو، هن کي ٻہ پٽ ارباب دائود سھتو ۽ ارباب هالا سھتو هئا. جڏهن شاھہ حسن بيگ ارغون جي سنڌ تي حڪومت هئي، ان وقت همايون بادشاھہ سنڌ تي ڪاھہ ڪئي. هن بکر ۾ اچي قلعي کي گهيرو ڪيو. قلعي اندر محمود ڪوڪلتاش هو. آخر محمود ڪوڪلتاش مجبور ٿي اچي همايون جي اڳيان پيش پيو. انهيءَ عرصي دوران ارباب عمر شاھہ سھتو ۽ سندس پٽ دائود سھتو همايون بادشاھہ جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا ۽ شاهي فوج ۽ همايون بادشاھہ جي وڏي خدمت ڪيائون. دائود سهتي ڏينهن رات هڪ ڪري شاهي لشڪر جي هر ضرورت کي پورو ڪيو. جنهن جي انعام ۾ همايون بادشاھہ دائود سهتي کي سواري ۽ خلعت سان نوازي، پنھنجي هٿ اکرن ۾ هي فرمان لکي ڏنو:
”آءٌ همايون بادشاھہ پٽ ظھيرالدين بابر بادشاھہ جي حيثيت ۾ خدا جي خدائي ۽ رسالت جو اقرار ڪندي هي فرمان لکي ٿو ڏيان، تہ جيڪڏهن خداوند ڪريم بکر جي حڪومت مون کي عطا ڪئي ته، آءٌ ان عھد تي قائم رهندس، مون درٻيلي جو پرڳڻو ارباب دائود پٽ عمر شاھہ سهتي ۽ سندس اولاد کي بخش ڪيو آهي.“
همايون بادشاھہ ان کانپوءِ بکر مان نڪري ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. مرزا شاھہ حسن ارغون کي جڏهن اها خبر پئي تہ ڏاڍو پريشان ٿيو. همايون بادشاھہ جي گهر واريءَ کي سفر دوران عمرڪوٽ ۾ اڪبر (949ھہ/ 1542ع) پيدا ٿيو. ٻئي طرف مرزا شاھہ حسن ڊپ ۾ ٺٽو ڇڏي ريڻ درياھہ ڏانهن هليو ويو. ڪجهہ عرصي بعد جڏهن همايون بادشاھہ هليو ويو. تڏهن محمود ڪوڪلتاش جي چرچ تي ميرزا شاھہ حسن بيگ ڄام ارباب عمر شاھہ سهتي، دائود سهتي ۽ هالي سهتي کي سخت سزا ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو. محمود ڪوڪلتاش ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪدم ارباب دائود کي جُوال (ڳوڻ) ۾ سبرائي بکر جي قلعي جي هڪ خوني برج تان درياھہ ۾ اڇلرائي ڇڏيو ۽ باقي ٻن ڄڻن ارباب عمر ۽ ارباب هالي جون کلون لهرائي، انهن ۾ بُھہ ڀرائي مرزا شاھہ حسين ڏانهن ڏياري موڪليائين. انهن کانسواءِ ملا درويش محمد انباردار کي شھر ۾ سر عام سوريءَ تي چاڙهيو ويو.


لفظ دائود سھتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو