دائود عليہ السلام: ﷲ تعاليٰ جو مقبول نبي حضرت دائود عليہ السلام، بني اسرائيل جي هدايت ۽ رهنمائيءَ لاءِ موڪليو ويو. سندس نسب جو سلسلو يارهين پُشت ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام سان وڃي ملي ٿو. حضرت دائود عه جو پٽ حضرت سليمان پڻ اولوالعزم نبي هو. حضرت دائود عليہ السلام تي آسماني ڪتاب زبور نازل ٿيو. قرآن مجيد جي نوَن سورتن ۾ 16 هنڌن تي سندس ذڪر آيو آهي. ﷲ تعاليٰ پهاڙن ۽ پکين کي سندس تابع ڪيو هو، جيڪي صبح ۽ شام ان سان گڏ ﷲ تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا ڪندا هئا (سبا: 10، ص: 17 کان 19). ﷲ تعاليٰ حضرت دائود عه ۽ سندس پٽ حضرت سليمان عليہ السلام کي پکين جي ٻولين جو علم ۽ سمجهہ عطا ڪئي هئي (النمل: 17). ﷲ تعاليٰ حضرت دائود عليہ السلام لاءِ لوھہ کي ميڻ وانگر نرم ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو لوھہ کي موڙي سگهندو هو (سبا: 10). ﷲ تعاليٰ کيس زرهن ٺاهڻ جو فن عطا ڪيو هو، جيڪي هو پنھنجي هٿن سان ٺاهي، روزگار ڪندو هو (الانبياء: 80، سبا: 10). قرآن پاڪ ۾ اچي ٿو ته، ”اسان ان کي اهڙو لباس (زرھہ) ٺاهڻ جو فن عطا ڪيو، جيڪو توهان کي سخت جنگ جي وقت محفوظ رکي ٿو.“ (الانبياء: 80، الڪشاف: 128). ”اسان ان جي بادشاهي کي مضبوط ڪيو ۽ ان کي زمين جي خلافت ڏئي ماڻهن ۾ عدل ۽ انصاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو.“ (ص: 25). ﷲ تعاليٰ ان کي نبوت جو عهدو، خطابت جي وضاحت ۽ صحيح فيصلي ڪرڻ جي قوت بخشي هئي. (ص: 19). ﷲ تعاليٰ ’زبور‘ حضرت دائود عليہ السلام تي نازل ڪيو (النساء: 163، بني اسرائيل: 53) زهد ۽ عبادت ۾ ﷲ تعاليٰ کيس استقلال ۽ يڪسوئي بخشي هئي، جو هو اڌ رات تائين آرام ڪندو هو ۽ رات جو چوٿون حصو عبادت ۾ گذاريندو هو ۽ هر ٻئي ڏينهن روزو رکندو هو. قرآن مجيد ۾ حضرت دائود عه جي زندگيءَ جا ڪيترائي واقعا بيان ٿيل آهن. (شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا).