دائود قادري شيخ

دائود قادري شيخ: نامور صوفي ۽ عالم دين، دائود قادري ولد سيد فتح شيخ جو تعلق ’هيبت پور‘ شھر سان هو. جتان هن پنھنجي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن لاهور جي مولانا جاميءَ جي شاگرد مولانا اسماعيل کان علم حاصل ڪيو. انهيءَ دوران شيخ عبدالقادر ثانيءَ جي پوٽي سيد حامد گنج بخش قادريءَ جي هٿ تي بيعت ڪري ان جو مريد ٿيو. دائود قادري، غوث الاعظم کان عقيدت حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن جو بزرگ حضرت امام موسيٰ ڪاظم سان واسطو ٿيو، جيڪو عرب کان ملتان آيل هو. هن جي مشھور خليفن ۾: مولانا جمال الدين شيخ دهلوي، شاھہ ابوالمعالي لاهوري ۽ شاھہ ابو اسحاق قادري لاهوري شامل آهن.
ملا عبدالقادر بدايوني لکي ٿو ته، هن بزرگ جي هٿان ڪيترائي غير مسلم ماڻهو اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيا. دائود قادري مستقل طور شيرڳڙھہ، ضلعي ساهيوال ۾ رهائش پذير ٿيو.
هن عالم دين بزرگ 982 ھہ/ 1574ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو