دائود، مخدوم: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو تہ مخدوم دائود مفتي ٺٽوي، مشھور معروف شخصيت مخدوم حاجي سبزواريءَ جو فرزند هو. مخدوم دائود مفتي وڏو عالم فاضل هو. هن جو پٽ مخدوم ابوالقاسم پڻ وڏو عالم هو، مدرسو قائم ڪيو هئائين، جتي تعليم ڏيندو هو. مخدوم دائود مفتيءَ کي اورنگزيب عالمگير شرعي وڪيل مقرر ڪيو هو.
هن 1113ھہ/ 1701ع ۾ وفات ڪئي. مخدوم رحمت ﷲ طالب علم سندس وفات تي هيٺين مادہ تاريخ چئي آهي:
ذهب العلم من السند
1113ھہ
(ترجمو: سنڌ مان علم لڏي ويو.)