
دائپو
دائپو (Midwifery): دائپو هڪ پيشي جو نالو آهي، جيڪو قديم زماني کان هلندڙ آهي. ڪنهن بہ عورت جي حمل واري عرصي دوران سندس سار سنڀال لهڻ، طبي معائنو ڪرڻ (ويندي ٻار ڄمڻ تائين) ۽ ٻار جي ابتدائي پرگهور لھڻ واري عمل کي دائپو چئبو آهي. هي ڪم اڪثر مقامي ڄاڻو عورتون ڪنديون آهن، جن کي ’دائي‘ ڪوٺيو ويندو آهي.
دائپي جو رواج ڪيترن جُڳن کان هلندو اچي ۽ دنيا جي هر معاشري توڙي سماج ۾ قديم زماني کان هن پيشي کي عزت جي نگاھہ سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن پيشي جو سڌو سنئون تعلق ويم ڪرائڻ سان آهي. دنيا جي سڀني معاشرن توڙي تهذيبن ۾ ٻار جو جنم خوشيءَ جو باعث سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري دائيءَ کي پڻ تمام گهڻي عزت ڏني ويندي آهي. ڪنهن بہ عورت جو گرڀ وارو دؤر، ويم جو وقت ۽ ان کان پوءِ ايڪيهي تائين وارو عرصو، هڪ نازڪ ۽ اهم وقت هوندو آهي ۽ اهڙي قسم جي سڌ سماءُ يا سموريون سهولتون، دائپي واري پيشي ۾ گهر ويٺي مهيا ڪيون وينديون آهن.
شروعاتي زماني کان وٺي ارڙهين صدي عيسويءَ تائين ويم جون سهولتون دائي ڏيندي هئي، جڏهن تہ اوڻويهين صديءَ عيسويءَ کان هن پيشي هڪ سائنسي شعبي جي صورت اختيار ڪري ورتي، جنهنڪري هي شعبو جدت اختيار ڪري ويو. اڄ بہ سموري دنيا ۾ چوٿون حصو ٻارن جا جنم داين هٿان ٿين ٿا، نہ صرف ايترو، پر دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ دايون ئي ڳورهارين عورتن جي سُڌ سماءُ رکنديون آهن، ڇو تہ اُتي ڊاڪٽرياڻين وغيرہ جي کوٽ هوندي آهي. ائين ئي ترقي يافتہ ملڪن ۾ پڻ دائپي کي جديد سائنس جي آڌار تي اهميت حاصل آهي. انهن ملڪن ۾ پڙهيل لکيل ۽ سنَد يافتہ دايون، ڳورهاري عورت ۽ ٻار جي نگهداشت ڪنديون آهن.
ميڊيڪل سائنس ۽ گائنوڪالاجيءَ جي شعبي ۾ دائپي جي ڪم بابت ڪيترا ڪورس ڪرايا وڃن ٿا، جنهن کان پوءِ دائپي کي هڪڙي قانوني حيثيت حاصل ٿيو وڃي، ائين ئي پوئتي پيل ملڪن توڙي ترقي پذير ملڪن ۾ هن پيشي کي اڄ بہ اهميت واري نگاھہ سان ڏٺو وڃي ٿو. ٻهراڙين ۾ جتي اسپتالن جون سهوليتون موجود ناهن، اُتي داين وسيلي ئي ويم ٿين ٿا. دائپو قديم روايتن موجب ورثي طور منتقل ٿيندو رهيو آهي، جيڪڏهن ڪا سياڻي ۽ هوشيار دائي هوندي آهي تہ اُها ضرور پنھنجي پيشي کي پنھنجي ڌيءَ ڏانهن منتقل ڪندي آهي، ائين ئي اهو رواج سالن کان هلندو پيو اچي.
اڄوڪي ترقيءَ واري دؤر ۾ روايتي داين کي مختلف ادارن ۽ غير سرڪاري تنظيمن طرفان ٽريننگ ڏيارڻ جا پروگرام پڻ ڪيا وڃن ٿا، جنهن سان پڻ هن پيشي ۽ شعبي کي هَٿي ملي ٿي. سرڪاري توڙي نجي اسپتالن سان گڏوگڏ لاڳاپيل ٻين ادارن ۾ پڻ سرڪاري ڊاڪٽر ۽ گائنوڪالاجسٽ سان گڏ مدد ۾ داين کي رکيو وڃي ٿو، جيڪي پنھنجي پيشي جي آڌار خدمتون سرانجام ڏين ٿيون.
آمريڪا، انگلنڊ، جاپان، نيڌرلينڊس ۽ چين جهڙن ترقي يافتہ ملڪن ۾ پڻ اڃا تائين دائپي جو پيشو جاري آهي.
دائپي جي موضوع تي هڪ جامع ڪتاب Short Practice of Midwifery for Nurses، ڊاڪٽر هينري جيليٽ لکيو هو، جنهن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ ڪيو هو ۽ اهو ڪتاب 1940ع ۾ ’دائپو يا ويم جي واٽ‘ نالي سان ڇپيو هو. هي ڪتاب اڄ بہ اهميت جو حامل آهي، منجهس مفيد معلومات، تصويرن ۽ نقشن سان ڏنل آهي. ان کان سواءِ 1947ع ۾ ڊاڪٽر ڪشني آنند جو لکيل ڪتاب ’سھج ويم‘ بہ ان حوالي سان مفيد ڪتابڙو آهي، جڏهن تہ بعد ۾ ان موضوع تي ٻيا ڪتاب ۽ صحت کاتي پاران معلوماتي ڪتابڙا وغيرہ پڻ ڇپيل آهن.
1995ع ڌاري محترمہ بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ صحت جي هڪ رٿا هيٺ هزارن جي تعداد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر مقرر ڪري، سندن تربيت ڪئي وئي، جيڪي پڻ عورتن ۽ ٻارن جي صحت بابت گهٽيءَ ۽ محلي جي سطح تي آگاهي ڏين ٿيون ۽ گهر گهر وڃي ٻار ۽ ماءُ جي صحت، سندن سار سنڀال ۽ دوائن جو خيال رکن ٿيون.