دابة الارض

دابة الارض: اسلامي عقيدي موجب قيامت جي ويجهي هئڻ جي نشانين مان هڪ نشانيءَ طور خاص قسم جو جانور آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ ’دابة الارض‘ چيو وڃي ٿو. حديثن ۾ دابة کي قيامت جي ڏهن نشانين مان هڪ نشاني چيو ويو آهي. هي جانور ان وقت ظاهر ٿيندو، جڏهن انسان چڱائي چوڻ ۽ بُرائي کان جهلڻ واري اصول کي بلڪل ڇڏي ڏيندا ۽ دنيا جي حالت ايتري خراب ٿي ويندي، جو ان کان پوءِ سڌاري جي ڪا بہ صورت نہ رهندي، پوءِ خدا تعاليٰ ماڻهن تي پنھنجي حجت طور انهيءَ جانور کي ظاهر ڪندو، جنهن جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ توبھ جا دروازا بند ڪيا ويندا ۽ ڪنهن کي بہ توبھ ڪرڻ جو موقعو نہ ڏنو ويندو. حضرت امام ابنِ ڪثير هن جانور جي ظاهر ٿيڻ کي تعاليٰ جي آخري حجت ۽ قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني قرار ڏيندي لکي ٿو تہ: ”جڏهن دابة الارض ظاهر ٿيندو تہ اهو ماڻهن سان ڳالهائيندو، جنهن کي سڀ ٻڌندا.“ هن جانور جي ظاهر ٿيڻ جي هنڌ جي باري ۾ مختلف روايتون آيون آهن. هڪ روايت موجب اهو ’تهامه‘ مان نڪرندو يا طائف مان يا مڪي مان يا صفا ۽ مروه جي وچان نڪرندو. ابو دائود جي روايت موجب هي جانور ٽي ڀيرا ظاهر ٿيندو، ٻہ ڀيرا پَرانهَن علائقن ۾ ظاهر ٿيندو، پهريون ڀيرو تہ ان جو ذڪر مڪي شھر تائين پهچي نہ سگهندو. ٻيو ڀيرو ان جو صرف قصو مشھور ٿيندو ۽ ان جو ذڪر مڪي تائين پهچي ويندو. جڏهن ماڻهو مسجد الحرام ۾ هوندا تہ ٽئين ڀيري دابة الارض ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ايندو.


لفظ دابة الارضھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو