داتا فيض درياھہ شاھہ

داتا فيض درياھہ شاھہ: سنڌ جو مشھور صوفي شاعر ۽ درويش، درياھہ شاھہ'>داتا فيض درياھہ شاھہ ولد پير شاھہ جيلاني، 1863ع ڌاري چڪ شھر ڀرسان ڳوٺ انباھہ، تعلقي لکي غلام شاھہ، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو فيض محمد شاھہ هو. هن جو والد، شاھہ نصير نوشهري فيروز واري جو معتقد هو. هن ڪيترائي سال سندس خدمت ۾ گذاريا هئا. پوءِ مرشد جي هدايت تي ڳوٺ وڃي شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٽي پٽ ٿيا. وڏو سيد تاج محمد شاھہ، وچيون سيد فيض محمد شاھہ ۽ ننڍو سيد جان محمد شاھہ، جڏهن شاھہ نصير ٽيئي نينگر ڏٺا، تڏهن فيض محمد شاھہ لاءِ فرمايائين تہ: ”جي هن صاحبزادي جي عمر هوندي تہ بلها شاھہ وارو طبل وڄائيندو.“ فيض درياھہ شاھہ، سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم شاھہ نصير جي هڪ طالب درويش سيد ڏنل شاھہ کان حاصل ڪئي. روايت آهي تہ هو ڪيترا ورهيہ استغراق جي عالم ۾ رهيو. ڪجهہ سال مجذوبيءَ جي حالت کانپوءِ سالڪيءَ طرف موٽيو ۽ شعر چوڻ شروع ڪيائين. شاعريءَ ۾ ’ميرل‘ تخلص استعمال ڪندو هو. ميرل فقير جاگيراڻي سندس معتقد هو، جيڪو ڪنڊڙيءَ جي ويجهو ديھہ ڪالهوڙيءَ جو ويٺل هو. فيض درياھہ جي ساڻس ايتري تہ محبت هئي، جو کيس ادب وچان ’بابا ميرل‘ سڏيندو هو. سيد فيض درياھہ شاھہ شادي نہ ڪئي. مجرد ٿي گذاريائين. شاھہ صاحب بيخوديءَ واري حالت ۾ تمام گهڻو ڪلام چيو، جنهن ۾ هن ڪيترن هنڌن تي ’اناالحق‘ جا نعرا هنيا آهن. سندس سمورو ڪلام رندي رمزن ۽ صوفياڻن خيالن جو آئينو آهي.
داتا فيض درياھہ شاھہ، 11 شوال 1325ھہ/18 نومبر 1907ع تي جوانيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڳوٺ انباھہ ۾ آهي، جتي هر سال شوال مهيني جي 11 ۽ 12 تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. سيد جان محمد شاھہ هن وقت سندس درگاھہ جو سجادہ نشين آهي.


لفظ داتا فيض درياھہ شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.11.18  عيسوي

داتا فيض درياهه شاهه، 11 شوال 1325هه/18 نومبر 1907ع تي جوانيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڳوٺ انباهه ۾ آهي، جتي هر سال شوال مهيني جي 11 ۽ 12 تاريخ تي ميلو لڳندو آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اياز رضوي
پير آقا محمد اسماعيل جان مولانا
رضوي سيد زوار حسين شاھہ
سيد صاحبڏنو شاھہ بلڙيءَ وارو
فقير گل محمد گودڙيو
ضياء جالنڌري
اشرف زمان پير چنڊامي
رخسانه رخ سومرو
غلام محمد سانوڻي
ساجد سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون