داتا گنج بخش هجويري

داتا گنج بخش هجويري

داتا گنج بخش هجويري جي درگاهه

داتا گنج بخش هجويري جي درگاهه

داتا گنج بخش هجويري

داتا گنج بخش هجويري: مشھور صوفي بزرگ حضرت داتا گنج بخش 400 ھہ مطابق 1009ع ڌاري غزني شھر جي هجويري محلي ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو علي هو، پر کيس سندس لقب ’داتا گنج بخش‘ سان ئي سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪنيت ’ابو الحسن‘ ۽ سندس والد جو نالو حضرت عثمان بن علي هو. ان حوالي سان داتا گنج بخش تي علي نالو سندس ڏاڏي جي نالي تان رکيو ويو هو. داتا صاحب جو والد جيَد عالم، فقيھ، عابد ۽ زاهد هو. سندس خاندان اولياء ڪرام جو خندان سڏجي ٿو. سندس مامي جو لقب ’تاج الاولياءُ‘ هو. داتا صاحب جي والدين ۽ مامي سندس تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. پاڻ قرآن پاڪ جي تعليم وٺڻ ۽ ظاهري علمن جي تڪميل کان پوءِ باطني علمن طرف متوجهہ ٿيو. سندس پير ۽ مرشد حضرت شيخ ابوالفضل حسن ختلي جنيدي هو، جيڪو شيخ شبلي رح جو مريد ۽ خليفو هو. داتا صاحب ان کان سواءِ حضڙت ابو القاسم ڪوزگائيءَ جي صحٻت مان بہ فيض حاصل ڪيو. داتا گنج بخش غزني شھر کان سواءِ تاشقند، سمرقند، بخارا، فرغانه، ماوراءُ النهر، ترڪستان، خراسان، توس، نيشاپور، مهنه قهستان، مرو، سرخس، فارس، ڪرمان، بيت المقدس، شام، عراق، آذربائيجان، طبرستان، خوزستان، سُوس، هندستان ۽ مختلف ملڪن ۽ شهرن جا سفر ڪيا ۽ ممتاز عالمن ۽ صوفين وٽان علم ۽ فيض حاصل ڪيو. خراسان ۾ هن 300 مشائخن سان ملاقاتون ڪيون.
داتا گنج بخش امام غزاليءَ جو همعصر هو. سندس نسب جو سلسلو نون (9) واسطن سان حضرت علي ڪرم وجه سان وڃي ملي ٿو. پاڻ حسيني سيد آهي. داتا صاحب پاڻ پنھنجي نسبت الجلابي، الغزنويءَ، الهجويري لکي آهي، جلاب ۽ هجوير غزنيءَ جي ٻن پاڙن جا نالا آهن. سندس شمار وڏن اوليائن ۽ صوفين ۾ ٿئي ٿو. پاڻ مسلڪ جي لحاظ کان سٺي ۽ فقهي مڪتبه فڪر جي خيال کان امام ابو حنيفہ جو پوئلڳ هو. داتا گنج بخش پنھنجي تحريرن ۾ حضرت ابو حنيفہ رح جو وڏيءَ عزت سان ذڪر ڪيو آهي. سندن طريقت جو سلسلو هن ريت آهي:
داتا گنج بخش علي هجويري مريد شيخ ابوالفضل علي حضرمـيءَ جو، اهو مريد شيخ ابوبڪر شبليءَ جو، اهو مريد شيخ جنيد بغداديءَ جو، اهو مـريـد شيـخ سـري سقـطـيءَ جو، اهو مريد شيخ معروف ڪرخيءَ جو، اهو مريد شيخ دائود طائيءَ جو، اهو مريد حبيب عجميءَ جو، اهو مريد حسن بصريءَ جو، جيڪو مريد حضرت علي ڪرم وجه جو.
داتا گنج بخش غزنيءَ ۾ ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ مشغول هو تہ کيس خواب ۾ مرشد شيخ ختليءَ، لاهور وڃڻ جو حڪم ڪيو. اهڙيءَ ريت داتا صاحب 431ھہ مطابق 1039ع ڌاري سلطان سعود بن محمود غزنويءَ جي دؤر ۾ لاهور آيو ۽ هميشہ لاءِ لاهور ۾ ئي سڪونت اختيار ڪيائين.
داتا صاحب لاهور شھر جي اولھہ طرف جتان راوي ندي وهندي هئي، هندن جي هڪ مندر ويجهو هڪ جڳھہ ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي رشد ۽ هدايت جو سلسلو شروع ڪيائين. هن ان جاءِ تي هڪ مسجد بہ تعمير ڪرائي. وٽس ڪيترا ماڻهو فيض حاصل ڪرڻ ايندا هئا، جن ۾ مسلمان ۽ غير مسلمان شامل هئا. سندس علمي بصيرت کان متاثر ٿي، پنجاب جو گورنر راءِ راجو مسلمان ٿيو. هن زندگيءَ جو ڪافي عرصو ديني تبليغ لاءِ سفر ۾ گذاريو. ڏورانهن علائقن جي عالمن ۽ بزرگن جي خدمت ۽ صحبت ۾ رهي فيض حاصل ڪيائين. داتا گنج بخش پنھنجي مشھور تصنيف ’ڪشف المحجوب‘ ۾ انهن سمورن سيرن سفرن جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ نامور صوفي حسين بن منصور ’حلاج‘ جو ذڪر پڻ موجود آهي.
داتا گنج بخش اسلام جي تبليغ ۽ روحاني فيض پکيڙڻ کان پوءِ باقي وقت عبادت، تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاريو. داتا صاحب ’ڪشف المحجوب‘ ۾ لکيو آهي تہ ”منهنجو پهريون ڪتاب ديوان هو، جيڪو هڪ ماڻهو پڙهڻ لاءِ کڻي ويو ۽ هن ديوان جي شعرن ۾ جتي بہ منهنجو نالو هو، مٽائي پنهنجو نالو لکي ڇڏيو. ان ڪتاب جو ٻيو نسخو نہ هئڻ ڪري هن ادبي خيانت سبب منهنجي محنت رائگان ٿي وئي.“
داتا گنج بخش هجويريءَ جي ٻين ڪتابن ۾ (1) ڪتاب الفناء والبقا، (2) اسرار الخلق و المؤنات، (3) ديوان الشعر، (4) الايمان، (5) ڪتاب البيان الاهل العيان، (6) نحو القلوب، (7) الزعاية بحقوق تعاليٰ، (8) منهـاج الـديـن، (9) فرق فرق ۽ (10) شرح ڪلام منصور شامل آهن.
داتا گنج بخش جي ڪتاب ’ڪشف المحجوب‘ جو انگريزي ترجمو 1911ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيو ۽ سنڌيءَ ۾ ان جا ٻہ ٽي ترجما شايع ٿي چڪا آهن، جن مان هڪ ترجمو پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ ڪيو آهي، جنهن جا سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري، ٻہ ڇاپا 1988ع ۽ 2005ع ۾ ڇپايا آهن.
حضرت علي هجويريءَ جي لقب ’گنج بخش‘ لاءِ مشھور آهي تہ سندس طبيعت ۾ سخاوت، فياضي ۽ ٻاجهہ واري جذبي کي ڏسي عام ماڻهن کيس ’گنج بخش‘ جو لقب ڏنو، جڏهن تہ خرينة الاصفياء‘ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ حضرت خواجہ خواجگان سيد نامعين الدين سنجري، داتا گنج بخش جي درٻار تي ڪجهہ عرصي لاءِ اعتڪاف ۾ ويٺو ۽ ويندي وقت هيٺيون شعر چيائين:
گنج بخشِ فيضِ عالم مظهرِ نورِ خُدا،
ناقصان را پير ڪامل، ڪاملان را رهنما.
حضرت علي هجويريءَ پنھنجي هڪ تصنيف ’ڪشف الاسرار‘ ۾ لکيو آهي تہ:
”اي علي! چرا خلق مي گويد گنج بخش، دانه پيش خود نہ داري.“
[يعني: ”اي علي! توکي خدا جي خلق گنج بخش چوي ٿي ۽ تو هڪ داڻو بہ پاڻ وٽ نہ رکيو آهي“]
داتا گنج بخش 1072ع ڌاري لاهور ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار بہ اُتي ئي آهي. داتا گنج بخش جي مزار سلطان محمود غزنويءَ جي پوٽي ۽ مسعود غزنويءَ جي پٽ سلطان ابراهيم غزنويءَ تعمير ڪرائي، بعد ۾ خانقاھہ جو فرش ۽ چوديواري اڪبر بادشاھہ تعمير ڪرائي. خواجہ معين الدين چشتي اجميري ۽ خواجہ فريدالدين گنج شڪر، داتا گنج بخش جي مزار تي چلا ڪاٽيا هئا. روايت آهي تہ راجا رنجيت سنگهہ کي جڏهن بہ قرآن شريف جو ڪو نسخو ملندو هو تہ ان کي داتا گنج بخش جي مزار تي رکائيندو هو ۽ مزار جي خدمت ڪندو هو. پاڪستان جي اڳوڻي صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ داتا جي مزار اوقاف کاتي جي حوالي ڪئي وئي. اوقاف کاتي پاران مزار ۽ مسجد کي ڪشادو ڪرائي ٺهرايو ويو. اڳتي هلي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، داتا درٻار ۾ وڌيڪ وسعت آندي ۽ ڪافي تعميراتي ڪم ڪرايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو