داداڀائي نوروزجي

داداڀائي نوروزجي

داداڀائي نوروزجي

داداڀائي نوروزجي: هندستان جو مشھور سماج سڌارڪ ۽ سياستدان، داداڀائي نوروزجي، 4 سيپٽمبر 1825ع تي بمبئيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن هڪ پارسي خاندان ۾ جنم ورتو. سندس والد زردتشت مذهب جو پوئلڳ هو. داداڀائي نوروزجي هڪ ئي وقت سماج سڌارڪ، دانشور، تعليمدان، واپاري ۽ هندستان جي صف اول جو سياستدان هو.
دادا ڀائي نوروزجيءَ ابتدائي تعليم ايلفنسٽن اسڪول بمبئيءَ مان حاصل ڪئي ۽ اُتان ئي گرئجوئيشن ڪيائين. کيس پهرئين هندستاني گرئجوئيٽ هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. ساڳئي وقت کيس 1855ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾، 25 سالن جي ننڍي ڄمار ۾، رياضي ۽ نيچرل فلاسافيءَ جي پروفيسر هئڻ جو بہ اعزاز حاصل آهي. هن 1855ع ۾ لنڊن وڃي ’لِوَر پول‘ (Liver Pool) جو بنياد وڌو. هن 1859ع ۾ ڪپھہ جي واپار لاءِ هڪ ڪمپني کولي. ساڳئي وقت لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ گجراتيءَ جو پروفيسر بہ رهيو.
1867ع ڌاري داداڀائي نوروزجي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي شروعات ڪئي. هن ’ايسٽ انڊيا ائسوسيئيشن‘ قائم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
داداڀائي نوروزجي 1874ع ۾ هندستاني رياست بڙودا جو وزيراعظم بڻيو. هي 1885ع کان 1888ع تائين بمبئيءَ جي قانونساز ڪائونسل (Legislative Council) جي ميمبر جي اهم عهدي تي رهيو.
داداڀائي نوروزجي، 1885ع ۾ مسٽر اي. او. هيوم ۽ ايڊلجي واچا ڊنشا سان گڏجي انڊين نيشنل ڪانگريس جو قيام عمل ۾ آندو. 1886ع ڌاري انڊين نيشنل ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو. ڪجهہ عرصي بعد برطانيا ويو، جتي ليبر پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. جولاءِ 1892ع ۾ فنسبري (Finsbury) جي نمائندگي ڪندي، پارلياماني چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين. ان ريت هي ننڍي کنڊ جو پهريون شخص هو، جنهن کي برطانوي پارليامينٽ جي چونڊيل نمائندي هئڻ جو بہ اعزاز حاصل رهيو.
داداڀائي نـوروزجـي، زردشتي مذهب سان واسطو رکندو هو. ان ڪري هـن زردشتي مذهب جي اصل ماهيت معلوم ڪرڻ لاءِ 1851ع ۾ ’رهنمائي مـزدايـنسـي سـڀا‘ جو قيام عمل ۾ آندو. هن ’راست گفتار پبليڪيشن‘ (Rast Goftar Publication) بہ قائم ڪئي ۽ زردشتي مذهب جي فڪري ڦهلاءَ ۽ واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو.
داداڀائي نوروزجي بھترين ليکڪ هو. سندس مشھور ڪتاب Poverty and Biritish Rule in India ۾ هندستان جي وسيلن ۽ دولت تي انگريزن جي قبضي جو تفصيلي ذڪر موجود آهي.
داداڀائي نوروزجيءَ، 90 سالن جي وڏي ڄمار ۾، 30 جون 1917ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ داداڀائي نوروزجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1825.09.04  عيسوي

هندستان جو مشهور سماج سڌارڪ ۽ سياستدان، داداڀائي نوروزجي، 4 سيپٽمبر 1825ع تي بمبئيءَ ۾ پيدا ٿيو.


1917.06.30  عيسوي

داداڀائي نوروزجيءَ، 90 سالن جي وڏي ڄمار ۾، 30 جون 1917ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏيرو عبدالڪريم
ڀٽي مخدوم احمد
بينا مسرور
ريڊڪلف اوارڊ
ڪشنچند پارواڻي
دريا خان جلباڻي
چانڊيو حڪيم محمد عالم
بانو قدسيه
سرتاج لڪياري
شاهنواز شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون