داداڀائي ولي محمد

داداڀائي، ولي محمد: مشھور سماجي سڌارڪ، الحاج ولي داداڀائي، جهوناڳڙھہ، ڀارت ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ پنهنجو سمورو ڪاروبار بند ڪري، سنڌ آيو ۽ نوابشاھہ ۽ ميرپورخاص ۾ ڪاروبار جو آغاز ڪيائين. 1951ع ۾ هن برٽش ڪاٽن گروورس ڪارخانو خريد ڪيو، جيڪو خيرپور ضلعي جي سيٺارجا شھر ۾ قائم هو. اُن وقت اُتي رڳو ريلوي اسٽيشن هئي، پر شھر موجودہ صورت ۾ آباد نہ هو، نہ ئي اُتي ڪي پڪا روڊ رستا ٺهيل هئا. الحاج ولي محمد سيٺارجا شھر ۾ فيڪٽريءَ سان گڏ 200 کن دڪان ۽ رهائشي جايون تعمير ڪرايون، جنهنڪري هي شھر وسيع ٿيندو ويو ۽ اڳتي هلي سيٺارجا خيرپور ضلعي جو اهم شھر ليکيو ويو. ولي محمد داداڀائي هڪ غريب پرور انسان هو. هُو مسڪينن جو مددگار، هٿ جو سخي هو. هو زندگيءَ جي آخري پساهن تائين سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو