
دادا شاهي اينڊ ٽالپر ٽاڪيز سئنيما
دادا شاهي اينڊ ٽالپر ٽاڪيز سئنيما: هيءُ سئنيما گهر ورهاڱي کان اڳ قائم ٿيو، جيڪو اڄ بہ جيلاني محلي خيرپور شھر ۾ واقع آهي. هيءُ سئنيما گهر سيد ڏاڏا شاھہ ذاتي طور قائم ڪيو. سيد ڏاڏا شاھہ اڳوڻي وفاقي وزير سيد جاويد شاھہ جو پيءُ هو. هن سئنيما گهر کي ان وقت دوران وڏي اهميت حاصل هئي. ٽي.وي، ريڊيو جي عام نہ هئڻ ڪري عام ماڻهن لاءِ تفريح وٺڻ جي لاءِ سئنيما گهرن کي ئي وڏي اهميت حاصل هئي. هن سئنيما گهر ۾ پردي تي فلمون ڏيکاريون وينديون هيون. سئنيما گهر ۾ چڱي نموني ويهڻ جو بندوبست ٿيل هو. اعلى معيار جي پردي تي ڏيکاريون ويندڙ فلمون ڏسڻ لاءِ هتي ڪيترائي ماڻهو پري پري کان ايندا هئا.
سئنيما گهر جي عمارت طرز تعمير ۾ قديم عمارتي تعمير جي نموني واري آهي. مرڪزي عمارت کي چؤديواري آهي. لنگهہ لاءِ ويڪري دروازي ۾ لوهي در لڳل اٿس. عمارت جا ٻہ حصا آهن، آڏو واري حصي ۾ ورانڊو، ڪجهہ ڪمرا ۽ پوئين طرف کان پڻ لو هي چادر جي ڇت سان لانڍيءَ جي نموني تي ٻہ ٻہ ڪمرا آهن، جن کي ڪاٺ جا وڏا دروازا آهن. آڏو واري حصي ۾ ورانڊي کي ٽي ويڪرا کليل لنگهہ آهن، جن جي ٿنڀن ۾ نمائشي ڄاريون لڳل آهن. ورانڊي جي مٿان ڇت جو ٻيڙ ٻنو، پاسن کان ننڍو، وچ تي وڏو ٿي تاج جي صورت ۾ آهي. ڇت جا ٻہ ڀاڱا آهن. ورانڊي جي ڇت هيٺان ۽ وچ واري ڪمري جي ڇت مٿڀري آهي، جنهن ۾ ننڍا روشندان ۽ منگهہ آهن. هن وقت سئنيما گهر استعمال ۾ ڪونهي. ڪجهہ قدر اندر پروجيڪٽر وغيرہ اڃا موجود آهن. سئنيما جو پردو ۽ فلم واري هال جي ڇت پڻ اڃا پراڻي صورت ۾ بحال آهي. باقي عمارت سنڀال نہ ٿيڻ سبب کاڄندي ۽ ڊهندي پئي وڃي.