دادلوءِ 3

دادلوءِ 3 (تاريخي ڳوٺ): دادلوءِ، پني عاقل کان ستن ڪلوميٽرن جي مـفـاصلـي تـي پنـي عــاقــل کان گهوٽڪي ويندڙ نيشنل هاءِ. وي تي آباد هڪ مشھور ۽ تاريخي ڳوٺ آهي، جيڪو هڪ ديھہ ۽ يونين ڪائونسل جي حيثيت بہ رکي ٿو.
(1) هيءُ ڳوٺ ڌاريجا خانن جو ٻڌرايل آهي، جيڪي فيصلن ۾ انصاف جي لحاظ کان گهڻو مشھور هئا. ان ڪري هيءُ ڳوٺ دادلوءِ (داد= انصاف + لوءِ = ڳوٺ) يعني انصاف واري ڳوٺ طور مشھور ٿيو. (2) ڌاريجن جي نسب نامي جي روايت مطابق ڄام سوائيءَ کي ٽي پٽ ٿيا. ڄام جهلو، جنهن جهلوءَ جي لوءِ (عادلپور) وسائي. ڄام وڪريو، جنهن پني عاقل واري ڊٻ وسائي ۽ ڄام داد، جنهن دادلوءِ وسايو. ان دور ۾ پهاڪو مشھور هو تہ: ”ماٿيلي سر گاگڙي، سٺ جهلو جي لوءِ“ يعني ماٿيلي کان وٺي گاگڙي تائين سٺ لوءِ (ڳوٺ) ڄام جهلوءَ جا آهن. لوءِ جي نالي وارا ڳوٺ گهڻو ڪري ڌاريجن جي جدا جدا پاڙن جا آهن، جھڙوڪ: ابي لوءِ، همڻ لوءِ، دادلوءِ وغيرہ.
دادلوءِ ڳوٺ جي نالي ۽ آباد ٿيڻ بابت مستند ۽ تاريخي معلومات سيد محب شاھہ جي ڪتاب ’مختصر تاريخ سنڌ‘ مان ملي ٿي، جيڪو اصل ۾ فارسيءَ ۾ لکيل هو، جنهن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ ڪيو آهي، جيڪو سکر هسٽاريڪل سوسائٽيءَ طرفان شايع ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۽ خاص ڪري سکر جي ڪن قديم شهرن: الور، ٻٻرلوءِ، سکر، ساڌٻيلي، ميرپورماٿيلي، گهوٽڪي، عادل پور ۽ دائودلوءِ (دادلوءِ) متعلق مفيد معلومات ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته، هيءُ شھر دائود خان ڌاريجي تاريخ 21 صفر، آچر جي ڏينهن سن 872 ھہ/ 1467ع ۾ آباد ڪيو، جيڪو ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو خاص مقرب ۽ اعتماد وارو ماڻهو هو. ڄام نندي طرفان دائود خان ڌاريجي کي هيءَ جاگير ملي تہ دائود خان پنهنجو گهر ڇڏي لڏي هن جاءِ تي اچي رهيو. دادلوءِ جو موجودہ ڳوٺ پهريائين هن هنڌ کان ڏکڻ طرف چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي لعل پير درگاھہ واري ايراضيءَ ۾ آباد هو. هن وقت دائود خان ڌاريجي جي اولاد مان سابق ايم. پي. اي سردار علي مراد خان عرف منصور خان ڌاريجو، دادلوءِ جو زميندار ۽ ڌاريجا قبيلي جو سردار رهي ٿو. هن ڳوٺ ۾ ڪيترائي ناليوارا تعليمي ماهر، اديب، شاعر، پهلوان ۽ روحاني بزرگ ٿي گذريا آهن. دادلوءِ ۾ هڪ هاءِ اسڪول، گرلز هاءِ اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول بوائز ۽ گرلز، الھہ بخش محمدي ماڊل اسڪول، بيسڪ هيلٿ سينٽر، پوسٽ آفيس، سماجي ۽ ادبي تنظيمون قائم آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو