
دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال
دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال (ڪتاب): هيءُ ڪتاب دادو شھر سان گڏ دادو تعلقي ۾ موجود شهرن، ماڳن ۽ شخصيتن بابت لکيل آهي. ڪتاب جو مرتب محمد عرس ’اظهر‘ سولنگي آهي. ڪتاب ۾ ڪل 9 باب آهن. پهرئين باب ۾ دادو تعلقي جي بيهڪ، ديهون، تپا، سرڪل، شھر جي بيهڪ، شھر جي جوڙجڪ، بازارون، رسـتا، پـاڙا، ڪـالـونـيــون، ڳـوٺ، پـراڻـيـون عمارتون، خطيب، شھر جا معزز، سرڪاري تعليمي ادارا، خانگي تعليمي ادارا، ٻئي باب ۾ دادوءَ جا اولياء ڪرام، فقيھہ، معلم، مدرس، اديب، شاعر، سگهڙ، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ ملھہ، ٽئين باب ۾ سياستدان، چوٿين باب ۾ ڪلبون، اداڪار، ڳائڻا ۽ پوليس جا شهيدَ، پنجين باب ۾ مزاحمتي تحريڪون: بلاولي تحريڪ، ميانوال تحريڪ خلافت تحريڪ، خاڪسار تحريڪ 1960ع جي ڏهاڪي وارين قومپرست تحريڪن ۽ ايم. آر. ڊي جو احوال، ڇهين باب ۾ سماجي، ادبي ۽ سياسي تنظيمن جو احوال، ستين باب ۾ دادو ضلعي جو آبپاشي نظام، دادو تعلقي جي پتڻن، ڍنڍن ۽ ڍورن، برساتن ۽ ٻوڏن جو احوال، اٺين باب ۾ آفيسرن ۽ ججن بابت معلومات ۽ نائين باب ۾ دادو تعلقي جي طبعي ڀاڱن، زرعي پيدائش، آمدورفت جي رستن، انتظامي ڍانچي، هنرن ۽ دستڪارين، ماڳن مڪانن ۽ ڳوٺن جو احوال شامل آهي.
ليکڪ ڪتاب جي ارپنا پنھنجي امڙ کي ڪئي آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾611 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملھہ 350 روپيا آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2006ع ۾ شايع ٿيو.