دادو شاھہ: دادو شاھہ جي نالي سان ٽي بزرگ ٿي گذريا آهن. پهريون دادو شاھہ، لڪياري سيدن مان هو، جنهن جي نالي سان دادو شھر ٻَڌايل آهي، ان جي تربت نورجن جي ڀرسان ريل واري قبرستان ۾ آهي، اهو قبرستان ڳوٺ نبن شاھہ واري دٻيءَ لڳ آهي. هي سيد، ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. ٻيو دادو شاھہ، جنهن جي مزار شھر دادوءَ ۾ ’تڪيہ اسٽريٽ‘ جي خاتمي وٽ موجود هئي، ان سان گڏ ٻہ ٻيون قبرون بہ هيون. فقير محمد صالح جي، جيڪو ميونسپل ۾ جمعدار هو ۽ امير پير جي، جيڪو راجل وير جو مريد سڏائيندو هو، پر دادو شاھہ جي قبر جي مجاوري بہ ڪندو هو، جيڪي سندس گهر جي ڀرسان بند ڪوٺيءَ ۾ هيون. جتي هاڻي چانڊين جا گهر آهن، اها ڪوٺي گهرن اندر دٻجي وئي آهي. ٽيون دادن شاھہ مٺائيءَ وارو هو، جنهن جو وصال 80 واري ڏهاڪي ۾ ٿيو. سيد جان علي شاھہ ۽ سيد فدا حسين شاھہ سندس فرزند آهن. دادو شاھہ جي تڪئي واري هنڌ سان لڳ سيد غلام شاھہ ۽ سندس ڀاءُ دوسن شاھہ رهندا هئا. غلام شاھہ کي ٻہ پٽ سيد قاسم شاھہ ۽ سيد بچل شاھہ ٿيا. اتي سيدن جون حويليون هونديون هيون. پهريون دادو شاھہ (جنهن جي نالي سان دادو شھر سڃاتو وڃي ٿو) ڪلهوڙن جي دور جو چيو وڃي ٿو. هو نورجن جي آسپاس جو رهاڪو هو ۽ڪلهوڙن جو خاص ماڻهو هو. ڪلهوڙن پاران کيس ڪچي جي ديھہ چوئيءَ ۾ 300 ايڪڙ زمين بہ مليل هئي، جيڪا پوءِ پاڪستان ٺھڻ بعد بہ جڙيل شاھہ وٽ هئي. هن ’جڙيل شاھہ ٽرسٽ‘ بہ قائم ڪيو. دادو- مورو روڊ جي ڏکڻ ۾ ڳوٺ ٻُڍي لُنڊ جي اوڀرندي پاسي سيد دادو شاھہ جا ڀاڻ هوندا هئا. ماستر شجاع سانوڻائيءَ جي لکت موجب هن اُتان جي ڏاهري ذات وارن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ڪو نہ ٿيو ۽ بعد ۾ ٻي شادي ڪيائين. سندس ڳوٺ کي درياھہ پائي ويو، جنهن بعد اتان لڏي ڪوراين ۽ مستوين جي ڀر ۾ دادو شاھہ نالي ٻيو ڳوٺ ٻَڌي رهڻ لڳو. ٿوري عرصي بعد ان ڳوٺ بہ ننڍي شھر جي صورت اختيار ڪري ورتي، پر سندس وفات بعد اهو ڳوٺ بہ درياھہ پائي ويو. دادو شاھہ جي پيڙهيءَ مان جيئندل شاھہ موجودہ دادو شھر واري هنڌ اچي رهيو ۽ ڳوٺاڻن کي 40- 50 ايڪڙ زمين ڏئي، اتي آباد ڪري وڏي ڏاڏي دادو شاھہ جي نالي سان شھر کي آباد ڪيو. ماستر محمد شجاع سانوڻائيءَ جي قلمي نسخي موجب دادو شاھہ جو پويون شجرو هن ريت آهي: دادو شاھہ کي پٽ عبدالرحيم شاھہ، عبدالرحيم شاھہ کي ٻہ پٽ سيد فضل علي شاھہ ۽ سيد حاجي شاھہ، انهن مان سيد فضل علي شاھہ کـي هڪ پٽ سيد سکيل شاھہ، جنهن کي هڪ پٽ سيد نظام علي شاھہ ٿـيـا ۽ نـظـام عـلـي شـاھہ کـي ٻـه پـٽ نـور مـحمـد شـاھہ ۽ الـف شـاھہ ٿـيـا. عبدالرحيم شاھہ جي ٻئي پٽ سيد حاجي شاھہ کي ٻہ پٽ سيد مولابخش شاھہ ۽ سيد جيئندل شاھہ ٿيا، جن مان مولابخش کي هڪ پٽ سيد مصري شاھہ ٿيو. مصري شاھہ، دادو شھر جي گهڻي مالڪي ڪئي ۽ راڄن تي هٿ رکيو. وڏي ڏيا وارو مڙس هو. سندس نياڻي جڙيل شاھہ کي ڏنل هئي، جنهن کي دادوءَ جي خاتون اول جو لقب مليو، جو جڙيل شاھہ دادو ميونسپل ڪميٽيءَ جو پهريون چونڊيل صدر چيو وڃي ٿو. جيئندل شاھہ کي هڪ پٽ جڙيل شاھہ ٿيو، جنهن کي هڪ پٽ جيئندل شاھہ ٿيو ۽ وري ان کي هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو جڙيل شاھہ رکيو ويو. نورجن واري قبرستان ۾ دادو شاھہ جي مزار تي قبو اڏيل هو، جنهن ۾ سندس چاچي نور محمد شاھہ جي مزار پڻ هئي، هاڻ اهو مقبرو ڊهي چڪو آهي. ٻنهي مزارن تي ڪاشيءَ جا ڪتبا لڳل آهن، جن تي دادو شاھہ ۽ نور محمد شاھہ جا نالا اڪريل هئا. واڌن شاھہ ۽ جيوڻ شاھہ سندس پيڙهيءَ (يعني ٻئي دادو شاھہ) مان هئا.