دادو ضلعو

دادو ضلعو

دادو ضلعو

دادو 2 (ضلعو): دادو ضلعو 1931ع ۾ ڪراچي ضلعي کان ڌار ٿي، جدا ضلعو بڻيو. هي ضلعو چئن تعلقن: دادو، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھہ ۽ جوهيءَ تي مشمل آهي. دادو ضلعي جي ايراضي 19070 چورس ڪلوميٽر آهي. 2010ع جي انگن اکرن موجب دادو ضلعي جي آبادي 1689000، خواندگيءَ جي شرح 35.56 سيڪڙو آهي. هي ضلعو زراعت، ماهيگيري، صنعت ۽ تجارت جي لحاظ کان سٺي حيثيت رکي ٿو. دادو ضلعي ۾ سنڌي ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، جڏهن تہ ڪجهہ بلوچي ۽ اردو ڳالهائيندڙ بہ آباديءَ ۾ شامل آهن. دادو ضلعو معدنيات جي حوالي سان بہ شاهوڪار آهي. هتي گيھہ ۽ کنڊ جا ڪارخانا بہ قائم آهن. سخت گرمي ۽ سخت سيءَ پوڻ سبب هن ضلعي جي زرعي پيداوار ڪجهہ اثرانداز ٿئي ٿي.
دادو ضلعي ۾ قائم پرائمري اسڪولن جو تعداد 1961؛ جڏهن تہ 71 مڊل اسڪول؛ 44 ايليمينٽري اسڪول؛ 52 سيڪنڊري اسڪول؛ 10 هاير سيڪنڊري اسڪول؛ 8 ڪاليج؛ 2 ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ 7 کن هنري سکيا جا ادارا بہ قائم آهن. جديد تعليم لاءِ اڄڪلھہ نجي تعليمي ادارن بہ سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي. طبي سهوليتن جي سلسلي ۾ دادو ضلعي ۾ هڪ سول اسپتال، ٽي تعلقي اسپتالون، 33 ڊسپينسريون، 46 بنيادي صحت جا مرڪز، ٻہ ٽي. بي جي علاج جون اسپتالون، 30 کن فيملي ويلفيئر مرڪز ۽ 43 جانورن جون اسپتالون، دادو ضلعي ۾ قائم آهن. دادو ضلعي ۾ هڪ ضلعي ڪائونسل، چار تعلقا ۽ 52 يونين ڪائونسلون واقع آهن. دادو ضلعو 97.49 سيڪڙو مسلم آبادي رکندڙ آهي، جڏهن تہ 2.05 سيڪڙو هندو آبادي ۽ ڪجهہ تعداد عيسائي برادريءَ جو بہ رهي ٿو.
دادو ضلعو روڊ ۽ ريلوي ذريعي سموري ملڪ سان ڳنڍيل آهي. هتي 1713 ڪلو ميٽر پڪا روڊ ٺاهيل آهن، جڏهن تہ هن ضلعي جا رهاڪو پڻ مواصلاتي لحاظ کان ٽيليفون، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ ذريعي دنيا سان رابطي ۾ آهن.


لفظ دادو ضلعوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو