
دادو، مـورو پُل
دادو، مـورو پُل: هيءُ پُل سـنـڌو درياھہ تي قائم آهي، جيڪا دادو ۽ ضلعي نوشهري فيروز کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. هيءَ پُل جنرل ضياء الحق جي دؤر حڪومت ۾ ٺھي تيار ٿي. اصل ۾ هي پُل سَن ۽ سڪرنڊ کي ملائڻ لاءِ محرابپور واري پتڻ کان ٺهڻي هئي، جنهن لاءِ جي. ايم. سيد ابتدا کان ڪوشش ڪئي، پر ان دؤر جي حڪومت، جي. ايم. سيد جي علائقي ۾ ان قسم جي سهوليت ڏيڻ لاءِ تيار نہ ٿي، ان ڪري اڳتي هلي هيءَ پُل موري ۽ دادو شهرن کي لليا پتڻ وٽان ڳنڍڻ لاءِ تعمير ڪرائي وئي. هن پل ذريعي سنڌ جي ڪوهستان ۽ وچولي وارو ڀاڱو هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. 2010ع واري مھا ٻوڏ ۾ هن پُل کي ڪجهہ ڇيهو بہ رسيو هو ۽ ڪيترو عرصو مقامي آبادي تڪليف ۾ رهي ۽ آمدرفت پڻ بند رهي.