داد فتو

داد فتو: سومرا حاڪمن مان داد فتو (فتح خان) مشھور حاڪم ٿي گذريو آهي. هو دودي سومري جي اولاد مان هو. دودي سومري جي پٽ سنگهار جي بنا اولاد مري وڃڻ بعد سندس زال همون ٻائيءَ حڪومت جي واڳ سنڀالي، پنهنجن ڀائرن مان هڪ کي محمد طور ۽ ٻئي کي ٿري شھر (ضلعي بدين) ۾ حاڪم ڪري رکيو. ان وقت دودي سومري لشڪر سان ڪاھہ ڪري همون ٻائيءَ جي ڀائرن کي ماري حڪومت تي قبضو ڪيو. تڏهن داد فتو پنھنجي وڃايل حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ لشڪر تيار ڪري حاڪم سان جنگ ڪئي. داد فتو 1121ع کان 1140ع تائين حڪومت ڪئي. سندس دور ۾ امن قائم رهيو. پاڙيسري حاڪمن سان سندس بهتر لاڳاپا هئا. داد فتو جي وفات کان پوءِ سندس پٽ کينئرو (خيرو) حاڪم بڻيو. محمد طور، رتي ڪوٽ ۽ ٿر جي شھر ڇاڇري کان اولھہ واري پاسي سومرن جي حڪومت رهي. (ماستر شجاع محمد سانوڻائيءَ جي قلمي نسخي تان ورتل).


لفظ داد فتوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو