دارالحرب: اسلامي فقيهن جي علمي اصطلاح ۾ اسلام جي دشمنن جو اهو علائقو يا ملڪ، جنهن جا رهاڪو اسلام جي دعوت کي رد ڪري اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف بغاوت يا دشمني ظاهر ڪن ۽ جتي مسلمانن ۽ ذمين جون عبادتگاهون محفوظ نه هجن. اسلامي رياست جو ڪو حصو غير مسلمانن جي قبضي ۾ اچي وڃي ته ان کي ’دارالحرب‘ سڏيو ويندو.
ڪجهه علماءِ اسلام، اسلام جي عملداريءَ کان نڪرڻ واري علائقي کي تيستائين ’دارالحرب‘ قرار ڏيڻ کان محتاط رهن ٿا، جيستائين ان ۾ اسلام جو هڪ حڪم به جاري رهي. ڪافرن جي سرزمين ايستائين دارالحرب نه ٿي ٿئي، جيستائين اتان جا رهاڪو اسلام جي دعوت کي مڪمل رد ڪري دارالاسلام سان جنگ نه جوٽين.
امام ابن قيم لکيو آهي ته دارالحرب تي بنا سبب جي حملو ڪرڻ جائز نه آهي. جيڪڏهن دارالحرب وارا دارالاسلام تي حملو ڪن ته ان وقت اسلام جي دعوت ڏيڻ کان سواءِ جهاد فرض آهي. اهل اسلام جي لشڪر تلوار جي زور سان دارالحرب جا جيڪي ڳوٺ قبضي ۾ ورتا هوندا، انهن تي جزيو لاڳو ڪيو ويندو. ذمين مان ڪو شخص جيڪڏهن ڀڄي وڃي دارالحرب وارن سان مليو ته اهو انهن مان ئي ليکيو ويندو،پڪڙجي پوڻ جي صورت ۾ کيس قتل ڪيو ويندو يا غلام بنايو ويندو، جيڪڏهن دارالحرب مان ڪو مسلمان ٿيو ته دارالحرب فتح ٿيڻ تي ان جي ملڪيت مال غنيمت ۾ شامل نه ٿيندي. دارالحرب جي ڪنهن به ڀڳوڙي کي دارالاسلام ۾ عام طور تي ٽن مهينن کان وڌيڪ رهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. جيڪڏهن ان کان وڌيڪ عرصو دارالاسلام ۾ رهندو ته ذمي جي حيثيت ۾ رهندو ۽ جزيو ادا ڪندو. دارالحرب جي خلاف جنگ جي ميدان ۾ مسلمان تي شرعي حد قائم نه ڪبي.
سياسي اصطلاح ۾ ’دارالحرب‘، غلام ملڪ کي چئبو آهي، انگريزن جي تسلط هيٺ هندستان کي مولانا عبيدالله سنڌي ’دارالحرب‘ سڏيندو هو.