دارالعلوم ديوبند: 1857ع جي جنگ آزاديءَ کانپوءِ هندستان جي مسلمانن جو سماجي، سياسي ۽ علمي زوال محسوس ڪندي، مختلف ديني عالمن سوچ ويچار کانپوءِ مولانا محمد قاسم نانوتويءَ جي قيادت ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو، جيڪو برصغير جي مسلمانن جي ديني تعليم ۽ تربيت جو وڏو ڳڙھہ بڻيو. ڀارت جي رياست اتر پرديش جي قديم شھر ديوبند ۾ قائم هي ديني درسگاھہ ’دارالعلوم ديوبند‘ جي نالي سان مشھور آهي.
هن دارالعلوم جو بنياد 15 محرم 1283ھہ/ 1867ع تي ديوبند جي هڪ قديم مسجد ڇته ۾ ڪجهہ مشھور عالمن ۽ بزرگن جي تعاون ۽ مشوري سان عمل ۾ آيو، جن ۾ مولانا فضل الرحمان عثماني (علامہ شبير احمد عثمانيءَ جو والد)، مولانا ذوالفقار علي ديوبندي ۽ حاجي عابد حسين جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
هن درسگاھہ جا پهريان مدرس ملا محمود ديوبندي، پهريون طالب علم مولانا محمود الحسن، پهريون صدر مدرسين مولانا محمد يعقوب نانوتوي ۽ پهريون سرپرست مولانا محمد قاسم نانوتوي مقرر ٿيو. دارالعلوم جي نئين عمارت جي پيڙھہ جو پٿر مولانا احمد علي محدث سهارنپوريءَ 1293ھہ/ 1876ع ۾ رکيو. هن درسگاھہ جا بنيادي مقصد هي هئا:
(1) حق جي ڪلمي جي بلندي ۽ ضمير جي آزادي، (2) مسلمانن کي هڪ جمهوري عوامي تنظيم ۾ ڳنڍڻ جي جدوجھد ڪرڻ، (3) شاھہ ولي ﷲ دهلويءَ جي مسلڪ جي حفاظت ۽ اشاعت، (4) مسلم معاشري مان خود غرض، شخصيت پرست ۽ ظالم راڄ جو خاتمو، (5) ديني علمن کي رائج ڪرڻ، (6) عقلي علمن جي درست ترتيب، (7) دين جي قابليت سان گڏوگڏ دنياوي علمن جون گهرجون پوريون ڪندڙ عالم پيدا ڪرڻ.
درسگاھہ جي مالي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ مولانا نانوتويءَ اهي اصول ان ڪري ٺاهيا تہ جيئن دارالعلوم وقت جي حاڪمن، اميرن ۽ مالدارن جي دخل اندازيءَ کان آزاد رهي سگهي.
دارالعلوم جي نظم ۽ نسق لاءِ هڪ مجلس شوريٰ قائم ڪئي وئي. هن درسگاھہ ۾ علم صرف و نحو، ادب، علم المعاني، منطق، فسلفو، فقھ، اصول فقھ، حديث، تفسير، علم الفرائض، علم العقائد، علم الڪلام، علم الطب، علم المناظره، علم هيئت ۽ علم قرئت ۽ تجويد کان سواءِ فارسي ٻولي، ادب ۽ رياضيءَ جي تعليم بہ ڏني وڃي ٿي. هتي بنيادي تعليم کانپوءِ شاگرد داخل ٿين ٿا. هتي 15 سؤ شاگردن جي رهائش جو بندوبست آهي. دارالعلوم جي عمارت هڪ مسجد، هڪ ڪتبخاني ۽ ڪجهہ ڪلاسن جي ڪمرن تي مشتمل آهي. ڪتبخاني ۾ مخطوطات جي هڪ وڏي ذخيري سان گڏ لکين ڪتاب موجود آهن. هن درسگاھہ مان پڙهي فارغ التحصيل ٿيندڙ عالمن کي ديوبندي سڏيو ويندو آهي. هن درسگاھہ جا تعليم يافتہ عالم ديني خدمتن سان گڏ زندگيءَ جي هر شعبي سان لاڳاپيل آهن. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ديوبندي عالمن پاڪستان ۾ بہ وڏي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ وڏا وڏا مدرسا کوليا. جامعہ اشرفيه لاهور، جامعہ مدينه لاهور، مدرسہ عربيه خيرالمدارس ملتان، دارالعلوم ٽنڊو الهيار، دارالعلوم کڏو ڪراچي ۽ دارالعلوم حقانيه اڪوڙ خٽڪ پشاور جون درسگاهون، ديوبندي مڪتبه فڪر ۽ دارالعلوم ديوبند جون علمي يادگار آهن. ديوبندي فقهي طور ۾ حضرت امام ابو حنيفہ رح جا پوئلڳ آهن ۽ قرآن ۽ سنت تي سختيءَ سان عمل پيرا هجڻ سان گڏ تصوف سان بہ گهرو تعلق رکن ٿا.
ديوبندين جو روحاني رهبر حاجي امداد ﷲ رح آهي. عقيدن ۽ علم الڪلام ۾ امام ابوالحسن اشعري رح جا پوئلڳ آهن. رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جي محبت ۽ عظمت تي ايمان رکن ٿا، درود کي عين ثواب سمجهن ٿا. دين ۾ اعتدال جا قائل آهن. ديوبندي عالمن تحريڪ آزاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ريشمي رومال تحريڪ ۽ تحريڪ خلافت ديوبندي عالمن هلايون. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ دارالعلوم ديوبند هندستان ۾ رهجي ويو، جيڪو ديوبندي عالمن جو علمي ۽ روحاني مرڪز هو. دارالعلوم ديوبند ۽ ديوبندي علمائن جون علمي، ديني ۽ سياسي خدمتون تاريخ جو حصو آهن. مولانا عبيدالله سنڌي، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سنڌ جا ٻيا ڪيترا جيَد عالم هن درسگاھہ جا تعليم يافتہ آهن.