دارالمطالعه مجدديه نقشبنديه لائبرري: هيءَ لائبرري 1907ع ۾ مولانا قاضي نظر محمد سومري تعلقي ڪنڊياري (موجودہ نوشهري فيروز) ۾ قائم ڪئي. حڪيم قاضي نظر محمد سومرو پنھنجي وقت جو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي هن لائبرريءَ ۾ قاضي نظر محمد جي تصنيف ٿيل ڪتابن سميت 10 هزارن کان مٿي ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قرآن مجيد جا قلمي نسخا، عربي ۽ فارسي تفسير ۽ ڪجهہ سنڌي تصنيفون بہ شامل آهن. هن اداري داراالمطالعه مجدديه نقشبنديه طرفان ڪجهہ ڪتاب پڻ ڇپايا ويا آهن.