دارالندوه: حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي زماني ۾ مڪي شريف ۾ هڪ قسم جو شھري جلسي گاھہ. دارالندوه نالي ڪعبة ﷲ جي اتر طرف، ان چونڪ جي ٻئي پاسي هو، جنهن ۾ طواف ٿيندو هو. هن جاءِ تي مڪي جا چڱا مڙس گڏ ٿيندا هئا. روايت آهي تہ دارالندوه کي قريش جي جد امجد قُصا تعمير ڪرايو هو. ان کان پوءِ دارالندوه پهرين عبدالدار جي وراثت ۾ آيو. ان بعد عبدالمناف ۽ ان جي پٽ هاشم ۽ هاشم جي اولاد جي وراثت ۾ آيو. روايت آهي تہ اسلام جي ظھور کان اڳ قريش جا سمورا اهم ڪم، شاديون مراديون، جنگي صلاح مشورا، عام معاملن جا نبيرا وغيرہ هن جاءِ تي ٿيندا هئا. جنگي تربيت بہ هتي ٿيندي هئي. روايت آهي تہ دارالندوه جي سامهون واري چوڪ کان سمورا واپاري قافلا روانا ٿيندا هئا ۽ واپس ٿيڻ وقت بہ اتي اچي رُڪجندا هئا. ڪن محققن جو خيال آهي تہ هيءَ جاءِ نہ رڳو دنياوي معاملن لاءِ هئي، پر هڪ مقدس مذهبي جڳھہ پڻ هئي، جتي مذهبي نوعيت جون معاشرتي رسمون بہ سرانجام ڏنيون وينديون هيون. دارالندوه اسلام جي آمد ۽ رسول پاڪصه جي وصال کانپوءِ بہ موجود هو، جنهن کي اڳتي هلي امير معاويه خريد ڪيو. ان کانپوءِ هيءَ جڳھہ حج جي ڏينهن ۾ بنو اميه جي خليفن ۽ بنو عباس جي پهرين خليفن جي رهائش گاھہ طور ڪم ايندي رهي. خليفي هارون الرشيد اُن کي وسعت ڏئي پنھنجي رهائشگاھہ ’دارالعمارة‘ بنايو. ان کان پوءِ دارالندوه جو زوال شروع ٿيو ۽ ٽين صدي هجريءَ جي آخر ۾ خليفي المعتمد جي دؤر ۾ ان کي مسجد الحرام ۾ شامل ڪيو ويو.