دارا جو لڪ

دارا جو لڪ: هيءُ لڪ ضلعي قنبر شھدادڪوٽ جي ديھہ ڪوهستان ۾، قنبر شھر کان 45 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. محققن هن لڪ/ ٽڪريءَ جي نسبت مغل شهنشاھہ دارا شڪوہ سان ڏيکاري آهي، جيڪو سمن جي حڪومتي دؤر ۾ هتي پنھنجي ڪٽنب سميت ڪجهہ وقت لاءِ اچي رهيو هو. هن ٽڪريءَ جي اوچائي 150 فوٽ آهي. هن لڪ کي ايوب خان جي دؤر ۾ وڏي اهميت حاصل هئي. انگريزن جي حڪومت دوران هن لڪ مان معدنيات لڌي وئي هئي. ايوب حڪومت ۾ بہ هتي چيني ماهر ’تيو چنگ‘ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ سيل قائم ڪيو ويو هو. ماهرن جو خيال آهي تہ هن لڪ/ ٽڪريءَ مان لڌل گئس پاڪستان ۾ پهريون نمبر ڪوالٽيءَ واري آهي، هن لڪ مان لڌل معدنيات کي ’مزاراڻي گئس‘ فيلڊ جو نالو ڏنو ويو آهي.


لفظ دارا جو لڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو