دارا شاھہ جي مزار

دارا شاھہ جي مزار: هي اسلامي دور جو ماڳ آهي، جيڪو دارا شاھہ جي مزار سيتا وليج، ضلعي دادوءَ جي ڀرسان آهي. مزار جي مٿان ڇاپرو اڏيل آهي. هتي چڱو خاصو قبرستان بہ موجود آهي. هن قبرستان ۾ وڏا عالم فاضل دفن آهن، جن ۾: آخوند محمد صالح ڀٽي، آخوند عبدالرحمان ڀٽي، آخوند بخش ڀٽي، فقير نياز علي چنو، سيد دوست محمد شاھہ، مولوي عبدالغفور ميمڻ، سيد محمود شاھہ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. هن قبرستان ۾ هڪ بازيگر جي قبر بہ آهي، جنهن تي ڪنگيءَ جي مرض ۾ ورتل ٻارن کي اچي وهنجاريندا آهن. هن قبرستان ۾ جاڙا پير نالي هڪ الڳ مزار بہ موجود آهي.


لفظ دارا شاھہ جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو