دارا شاھہ 1

دارا شاھہ: هيءُ بزرگ ارغونن جي دور جو وڏو ڪامل ولي سڏجي ٿو. هن بابت وڌيڪ حالات ۽ واقعات نہ ٿا ملن. هن جي مزار مٿان ڇتائون ڇاپرو ٺهيل آهي. هي قبرستان بہ دارا شاھہ جي نالي تي آهي. جيڪو دادو تعلقي جو مشھور ڳوٺ سيتا شھر جي ويجهو موجود آهي. قبرستان ۾ ڪيتريون ئي معروف شخصيتون مدفون آهن، جن ۾ ڀٽي سيتائي'>آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي،آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي'> آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي، مولوي محمد صديق سيتائي، آخوند عبدالرحمان ڀٽي، آخوند بخش ڀٽي، آخوند محمد موسى ڀٽي، فقير نياز علي چنو، ڪؤڙو فقير چنو، سيد دوست محمد شاھہ، مولوي عبدالغفور ميمڻ، سيد محمود شاھہ ۽ ٻيون قابلِ ذڪر شخصيتون شامل آهن. هن قبرستان ۾ هڪ بازيگر جي قبر آهي، جنهن تي ڪنگيءَ جي مرض ۾ مبتلا مريض وهنجاريندا آهن ۽ ماڻهن جو خيال آهي تہ اهي صحتياب ٿي ويندا آهن. هن قبرستان ۾ جاڙن پيرن جون بہ مزارون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو