
دارا شڪوه 1
دارا شڪوہ 1: دارا شڪوه، مغل شهنشاھہ شاھجھان جو وڏو پٽ ۽ اورنگزيب عالمگير جو ڀاءُ هو. سندس پورو نالو محمد داراشڪوه هو، جنهن جو جنم 20 مارچ 1615ع تي خواجہ معين الدين چشتيءَ جي نگريءَ اجمير شريف ۾ ساگر تلاءَ جي محل ۾ شاھجھان بادشاھہ جي گهر ۾ ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ’ممتاز محل‘ هو. دارا جو ننڍپڻ، شهنشاھہ جھانگير وٽ گذريو. 1627ع ۾ شاھہ جھان تخت نشين ٿيو. هو 13 ورهين جي ڄمار ۾ آگري موٽيو. باقي تعليم جو سلسلو شاھجھان جي نگرانيءَ ۾ پورو ڪيائين. دارا جيڪا بہ تعليم ۽ ساڃاھہ حاصل ڪئي، ان جو بنيادي مقصد هندستان جي وسيع تر مفاد ۾ هندومت ۽ اسلام جي وچ ۾ ايڪتا پيدا ڪرڻ ۽ عالمي سچ سان ٻنهي مذهبن وچ ۾ باهمي تعلق ۽ ربط پيدا ڪرڻ هو. 1633ع ۾ کيس ولي عھد بڻايو ويو. 1654ع ۾ الھہ آباد ۾ صوبيدار مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد پنجاب، ملتان ۽ بھار جا علائقا سندس حوالي ڪيا ويا.
1649ع ۾ ايرانين قنڌار تي قبضو ڪيو. شاھجھان قنڌار جي واپسيءَ لاءِ دارا جي قيادت ۾ وڏو لشڪر موڪليو، پر هن مھم ۾ دارا کي ناڪامي نصيب ٿي ۽ ڪمانڊر جي حيثيت ۾ دارا جي ساک متاثر ٿي. دارا شڪوہ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ اورنگزيب عالمگير وچ ۾ سالن کان نفاق هلندو ٿي آيو. شاھجھان جي وڏي پٽ هجڻ سبب تخت ۽ تاج، دارا جي حوالي هو. ان ڪري عالمگير سندن خلاف هو. باقي ڀائر ۽ ڀينرون ڪجهہ دارا شڪوہ جا ۽ ڪجهہ عالمگير جا همدرد هئا. سندس پيءُ شاھجھان 1047ھہ/ 1637ع ۾ بيمار ٿي پيو تہ ٻنهي ڀائرن وچ ۾ تخت ۽ تاج تان جيڪا ڪشمڪش هلندي پئي آئي، سا بادشاھہ جي بيماريءَ سبب ڪافي گنڀير ٿي وئي، جنهن دوران ڪافي خونريزي بہ ٿي. 1048ھہ/1638ع ۾ اورنگزيب پنھنجي پيءُ کي بيماريءَ جي بستري تان اُٿاري، قيد ڪري پنھنجي بادشاهت جو اعلان ڪيو ۽ تخت تي قبضو ڪري ويٺو. دارا شڪوه، 7 رمضان 1068ھہ/ 1658ع تي آگري ۽ دولپور جي وچ ۾ ’سامو ڳڙھہ‘ (فتح آباد) وٽ پهرين شڪست کاڌي، جنهن کانپوءِ آگرو ڇڏي عيال سميت دهليءَ کان ٿيندو پنجاب پهتو. اورنگزيب پنجاب تائين سندس پٺيان آيو. دارا شڪوہ اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. اورنگزيب بادشاھہ، صف شڪن کـي لشڪر سميت سندس پٺيان سنڌ موڪلي پاڻ موٽي ويو. 1658ع ۾ دارا لاهـور پـهتـو، جتي ساڍا ٽي مهينا رهيو. ان وقت لاهور جو صوبيدار سيد غيرت خان هو. دارا وٽ لاهور جي منزل تي ويھہ هزار فوج هئي، جنهن وسيلي اورنگزيب جي لشڪر سان منهن ڏيندو، بکر کان سيوهڻ جو رُخ ڪيو. پهرين نومبر 1658ع تي سيوهڻ ويجهو صف شڪن سان سندس مقابلو ٿيو، جنهن ۾ صف شڪن کي هار نصيب ٿي. ائين دارا سيوهڻ کان ٿيندو 13 نومبر 1658ع تي ٺٽي پهتو. روايت آهي تہ ”دارا هڪ دفعو اڳ بہ پيءُ جي دؤر ۾ پيءُ سان ڪاوڙجي ٺٽي آيو هو، ليڪن ٺٽو کيس پسند نہ آيو هو ۽ هڪ طرف کان ٺٽي ۾ داخل ٿي ٻئي طرف کان نڪري هليو ويو هو. قاضي ابراهيم ٺٽوي سندس مصاحب هو، تنهن کي حڪم ڏنائين تہ ٺٽو ساڙي ڇڏيو. دارا شڪوہ جي حڪم تي گهاٽ واري پاسي ۾ چند ڀونگين کي باھہ ڏني وئي، جنهن باھہ جي تباهيءَ جا نشان مير علي شير جي دؤر تائين موجود هئا، جنهن کي ’سوخته گهاٽ‘ (سڙيل پتڻ) سڏيو ويندو هو. ان بعد دارا ٺٽي کان بدين پهتو، جتان گجرات وڃڻ لاءِ ڪڇ جو رڻ پار ڪيائين. ان بعد اورنگزيب بادشاھہ، صف شڪن خان کي سنڌ موڪليل لشڪر هندستان واپس موڪلڻ جو حڪم ڏنو. دارا شڪوہ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ مان ٿيندو، اورنگزيب جي سهري شاهنواز خان جي دعوت تي احمد آباد جي قلعي ۾ اچي داخل ٿيو، جتي هڪ مهينو ست ڏينهن قلعي ۾ ئي رهيو. جتان دارا 22000 لشڪر گڏ ڪري، 14 فيبروري 1659ع تي احمد آباد ڇڏي پنھنجي پيءُ شاھجھان جي آزاديءَ لاءِ اجمير روانو ٿيو. جوڌپور جي راجا جسونت سنگهہ کان مدد گهريائين، پر کيس سٺي موٽ نہ ملي. 12 مارچ 1659ع تي ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ اجمير ويجهو جنگ لڳي. 14 مارچ تي دارا کي شڪست ملي ۽ سندس لشڪر تباھہ ٿي ويو. دارا وري بہ بکر مان ٿيندو پهرين بدين ۽ اتان پوءِ وري سيوهڻ پهتو، ان دوران دارا جي گهر واري نادرہ بيگم 6 جون 1659ع تي سيويءَ ڍاڍر ۾ فوت ٿي وئي. هن پنھنجي زال جو لاش خواجہ مقبول جي معرفت سيويءَ مان ميان مير سنڌيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ لاهور موڪليو. ملڪ جيوڻ، غداري ڪري 9 جون 1659ع تي بولان ڀرسان دارا کي گرفتار ڪيو. 23 آگسٽ 1659ع تي سندس مٿو اگهاڙو ڪري ٻانھون پٺيءَ سان ٻڌي، هاٿيءَ تي چاڙهي دهليءَ شھر جو گشت ڪرائي خواص پور محل ۾ قيد ڪيو ويو.
ساڳيءَ شام جو اورنگزيب خاص درٻار گهرائي، دارا جي قتل جي سزا جو حڪم جاري ڪيو. دانشمند خان سندس جان بخشيءَ لاءِ عرض ڪيو، جيڪا درخواست نامنظور ڪئي وئي. انهيءَ فتويٰ بعد شھر ۾ دارا جي حمايت ۾ جلسا ٿيڻ لڳا، دارا کي گرفتار ڪندڙ ملڪ جيوڻ تي شهرين پاران حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو. ان دوران ڪيترائي افغان بہ مارجي ويا، سڄي شھر ۾ فسادن جي باھہ ڀڙڪي اٿي. اورنگزيب کي خوف هو تہ دارا جا حمايتي کيس قيد مان آزاد ڪرائي ويندا، جنهنڪري اورنگزيب جي لشڪر جي اڳواڻ نذر بيگ، دارا شڪوہ کي پنھنجي پٽ سپهر شڪوہ کان الڳ ڪري، ننڊ مان اٿاري، 30 آگسٽ 1659ع تي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري، اورنگزيب آڏو پيش ڪيو. دارا جو لاش هاٿيءَ تي رکي شھر مان گهمائي همايون جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. دارا شڪوہ وڏو عالم، وحدت الوجود جو حامي ۽ وقت جي اهم بزرگ سرمد جو پوئلڳ ۽ ميان مير سنڌيءَ جو مريد هو.
دارا شڪـوه ڪيـتـرا ڪـتاب لکـيـا، جـن ۾: (1) سـفيـنـة الاولـيـاءِ، (2) سڪـيـنـة الاولـيـاء، (3) رســالـه حــق نـمـا، (4) حــسـنـات الـعــارفــيـــن، (5) مجمع البحرين، (6) ترجمه ڀڳوت گيتا، (7) نادر النکات، (8) بياض دارا شڪوه، (9) ديوان- دارا شڪوہ ۽ (10) سر اڪبر (ترجمه: اپنشد)، ۽ ڪي ٻيا قابل ذڪر آهن.
1615.03.20 عيسوي
دارا شڪوه، مغل شهنشاهه شاهجهان جو وڏو پٽ ۽ اورنگزيب عالمگير جو ڀاءُ هو. سندس پورو نالو محمد داراشڪوه هو، جنهن جو جنم 20 مارچ 1615ع تي خواجه معين الدين چشتيءَ جي نگريءَ اجمير شريف ۾ ساگر تلاءَ جي محل ۾ شاهجهان بادشاهه جي گھر ۾ ٿيو
1659.02.14 عيسوي
دارا 22000 لشڪر گڏ ڪري، 14 فيبروري 1659ع تي احمد آباد ڇڏي پنهنجي پيءُ شاهجهان جي آزاديءَ لاءِ اجمير روانو ٿيو.
1959.08.30 عيسوي
دارا شڪوه کي پنهنجي پٽ سپهر شڪوه کان الڳ ڪري، ننڊ مان اٿاري، 30 آگسٽ 1659ع تي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري، اورنگزيب آڏو پيش ڪيو.