دارا-I
دارا-I: ايران تي 522 ق. م کان 486 ق. م تائين ڪُل 36 سال حڪومت ڪئي. دارا جو شمار ايران جي انهن عظِم بادشاهن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي سياسي ڏاهپ، انتظامي قابليت ۽ دليريءَ سان مملڪت ايران کي طاقتور بنايو.
دارا-I، 36 سال فتحن، تعميرات ۽ اعليٰ حڪومتي انتظامن ۾ صرف ڪيا ۽ سندس دور ۾ ڪياني/ هخامنشي شهنشاهيت عروج تي پهتي. سائرس اول (ڪوروش اول) 550 ق. م ڌاري ايــران ۾ ’ڪياني شهنشاهيت‘ جو بنياد وڌو هو. دارا اول پنهنجي ڇڏيل نقشي تحريرن ۾ڄاڻايو آهي ته: هي مون وٽ جيڪا بادشاهي آهي، سا ’سٿيا‘ (’سوگديانه‘ جي پريان) کان ڪُش (حبشيه) اٿوپيا تائين، هندستان، سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪناري کان وٺي سارڊس تائين، ’اهرمزد‘ مون کي ڏني، جيڪو عظيم ترين خدا آهي.
دارا-I، پنهنجي بادشاهت طاقت جي زور تي حاصل ڪئي، پر سمورن صوبن هن جي تخت نشينيءَ کي تسليم نه ڪيو، تنهنڪري باغي صوبن ۽ اتان جي سردارن کي مطيع ڪرڻ لاءِ دارا کي وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي، ٻه دفعا معرڪه آرائي ٿي ۽ آخرڪار سندس حڪمراني بحال ٿي. ان وقت ’ميويا‘ ۽ ’آرمينيا‘ ۾ بغاوت ڀڙڪي، تنهن کان سواءِ ’پارٿيا‘ هر سينميا، ايلام ۽ خود فارس (ايران) ۾ به بغاوت جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا، جن ۾ ڪل 19 معرڪن ۾ 9 سردار زير ڪيا ويا. بيستون (Behistun) جي ٽه لغتي خاڪي ۾ انهن سردارن کي دارا جا قيدي ڏيکاريو ويو آهي.
دارا-I پنهنجي دور جو وڏو منتظم هو. هن شهنشاهيت کي مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. مصر جي ’سزپ‘ (صوبائي حڪمران) پنهنجي اختيارن کي اورانگهيو ته دارا ان کي هٽائي خود ’فرعون‘ جو امتيازي نشان پاڻ وٽ رکيو، عبادتگاهه تعمير ڪرائي ۽ ڪمبوجيه جي دور حڪومت جي زيادتين جو ازالو ڪيو ۽ نيل ندي (ڳاڙهي سمنڊ) کي ٻيهر جاري ڪرايو، جنهن کان پوءِ شهنشاهيت جي مشرقي سرحدن طرف متوجهه ٿيو.
دارا-I، 519 ق. م ڌاري سنڌو ماٿر کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ان مقصد لاءِ اميرالبحر ’اسڪائيليڪس‘ جو انتخاب ڪيو ويو. دارا جي ڪمانڊر، خيبر لڪ کان سنڌو ماٿر ۾ داخل ٿي فوجي مهمون سرانجام ڏنيون. ان ڪم ۾ هن کي ڏيڍ سال جو عرصو لڳي ويو. ان بعد سنڌ ايران جو هڪ صوبو (ستراپي) بنجي ويو. ايرانين سنڌ مان سالانه ڏهه لک پائونڊ يا ان وقت جي حساب سان ٻه ڪروڙ روپيا وصول ڪيا ٿي.
سنڌ، ڪياني شهنشاهيت جو ويهون صوبو/ ’ستراپي‘ بڻيو. دارا جي سياسي تنظيم ۾ شهنشاهيت جي هر ملڪ کي هڪ الڳ صوبي جي حيثيت ڏني وئي، جنهن کي ’ستراپيءَ‘ جو نالو ڏنو ويو. هر ستراپيءَ تي هڪ شهري حڪومت جو سربراهه ۽ هڪ فوجي جنرل مقرر ڪيو ويو، جيڪي سڌيءَ طرح شهنشاهه جي ماتحت هوندا هئا.
تجارتي لحاظ کان سنڌو ماٿريءَ جي ڏيساوري واپارَ، دارا (اول) جي دور ۾ گهڻي ترقي ڪئي، سنڌو نديءَ جي سرسبز الهندي ڪناري کان نيل نديءَ تائين هر طرف تجارتي رستن جا ڄار پکيڙيا ويا، جن ذريعي سنڌو مـاٿـريءَ کـي افـغـانسـتان، ايران، وچ مشرق ۽ مصر سـان ملايو ويو. فنيقين (Phoenicians) يمن کان مصر ۽ فلسطين تائين شاهراهون تعمير ڪيون.
خشڪي تجارتي مواصلات کان سواءِ بحري تجارت جون راهون به کوليون ويون. دارا (اول) جي امير البحر ’اسڪائيليڪس‘ پشاور کان سنڌو نديءَ جي ڇوڙ تائين جهازرانيءَ جا انتظام ڪيا، سڄي سنڌو ماٿريءَ کي عربي سمنڊ ذريعي ڀونوچ سمنڊ سان ڳنڍي ڇڏيو. ان وقت سنڌ مان عاج (هاٿي ڏند) ۽ گنڌارا مان ساڳ جو عمارتي ڪاٺ خاص برآمدي اسم هئا. ڪياني شهنشاهيت ۾ پهريون دفعو شاهي سڪي جو رواج پيو. 512 ق. م ۾ ئي دارا پنهنجي ’سٿين‘ باغي قبيلن جو پيڇو ڪندي يورپ ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ 499 ق.م آيونيا (Ionia) ۾ بغاوت ٿي، جنهن سندس ارادي کي پختو ڪيو. هن ’اٿينس‘ تي 492 ق. م ۾ حملو ڪيو، پر ناڪامياب ٿيو، ڇاڪاڻ ته ايراني آرماڙ جبل ’اٿوس‘ وٽ هڪ وڏي حادثي جو شڪار ٿي ويئي، ان کان پوءِ 490 ق.م ۾ ٻيو حملو ڪيو ويو، جيڪو ’مئراٿان‘ وٽ پسپا ٿيو. ٽئين حملي جي تياري ٿي رهي هئي ته مصر مان بغاوت جي خبر آئي، جنهن سبب ارادو ملتوي ڪيائين.
دارا (اول) جي دور ۾ زردشتي مذهن کي ايران ۾ گهڻي فوقيت حاصل ٿي، مصر جي مذهبي پيشوائن ’دارا‘ کي ’عظيم ديوتا‘ جو اوتار تسليم ڪيو. زگرس جبل تي هڪ نقش دارا اول جي مذهبي ڪارروائيءَ جو يادگار آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته ماڻهو دارا اول جي اڳيان ڦٿڪي ساهه ڏئي رهيا آهن ۽ مختلف قومن جا بادشاهه کانئس معافي گهري رهيا آهن. دارا اول پنهنجي شهنشاهيت جو هڪ شاندار تختگاهه به تعمير ڪرايو، جنهن تي ’تخت جمشيد‘ نالو رکيائين. ’ڪوهه رحمت‘ تي سندس اهو تاريخي يادگار اڃا تائين قائم آهي. جيتوڻيڪ ٻه صديون پوءِ اٿينس جي آتشزدگيءَ جي انتقام وٺڻ لاءِ يوناني فاتح سڪندر اعظم ’تخت جمشيد‘ کي باهه ۾ ساڙڻ جو فرمان جاري ڪيو. ان وقت هو سخت نشي جي حالت ۾ هو ۽ هوش سنڀاليندي ئي وڌيڪ تباهڪاريءَ کي روڪي ڇڏيائين.
دارا پهرئين، 485 ق.م ۾ وفات ڪئي. کيس ’نقش رستم‘ ۾ دفن ڪيو ويو. کانئس پوءِ سندس فرزند خشيارشا/ ڪسرڪ (Xerxes) بادشاهه بڻيو.