داردي

داردي (ٻولي): داردي، ٻـولـيـن جو هـڪ خـانـدان آهي، جـنهـن جـو واسـطـو اتر- اولهندي خطي سان آهي. داردي اصل ۾ سئنڌوئي زبان جو هڪ لهجو هو، جنهن مان ٻيون ٻوليون ڦٽي نڪتيون. هن خاندان جي ٻولين کي ’پئشاچي‘ ٻوليون به چون ٿا، جنهن ۾ ڪشميري ٻولي به اچي وڃي ٿي. قديم زماني ۾ هنزه نگر جي ٻولي بروسڪي ڳالهائي ويندي هئي، جنهن کانپوءِ داردي ٻوليون رائج ٿيون. پنجابي ٻولي هونئن ته مغربي هندي زبان جي هڪ صورت آهي، پر ان تي به داردي ٻولين جو اثر آهي. سنڌيءَ تي دارديءَ جو اثر وڌيڪ چٽو ۽ نمايان آهي. ڪن لسانياتي ماهرن موجب پئشاچي پراڪرت ئي اصل ۾ مغربي پنجاب ۽ سنڌ جي جديد ٻولين ۽ اتر اولهندي سرحد جي داردي ٻولين جو بنياد آهي.
هن خاندان جي ٻولين تي پالي ٻوليءَ جون خصوصيتون واضح نظر اچن ٿيون. ڊاڪٽر جي. اي. گريئرسن پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”جديد داردي ٻولين ۾ مورڌني (Cerebral) ۽ ڏنداون (dental) آوازن ۾ فرق نه ٿو ڪيو وڃي يا بنهه ٿورو ڪيو وڃي ٿو. داردي ٻولين سان پاڙيسري هندستاني گجراتي ٻولين جون به ڪنهن حد تائين لغوي بناوتون هڪجهڙائي رکن ٿيون. داردي ٻولين جي هڪ خصوصيت آهي ته انهن ۾ ڳرن وسرگن کي اوسرگ ڪرڻ جو رجحان موجود آهي. ڪشميري، شينا، ڪوهستاني وغيره داردي ٻوليون آهن ۽ داردي ٻوليون لهندا ٻولين کي اوڀر، اولهه ۽ اتر کان گھيري بيٺل نطر اچن ٿيون. سنڌيءَ ۽ لهندا ٻولين جو تعلق هونئن ته ساڳئي خاندان سان آهي، پر تڏهن به سنڌيءَ تي دارديءَ جو اثر به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. لهندا ۾ ته سنڌي اچارن جي پوئواري ڪئي ويندي آهي. خاص طور چوسڻا وينجن ان جو خاص ثبوت آهن.
داردي ٻولين ۾ به سنڌيءَ وانگر ڪڏهن ڪڏهن مرڪب کي سادو بنايو ويندو آهي. دارديءَ جو اثر هزاره جي اولهه واري علائقي ۾ رهندڙ کنئولي قبيلي جي ٻوليءَ تي به آهي ۽ انهن جي ٻوليءَ ۾ دارديءَ جا لفظ مروج نظر اچن ٿا. هنن ٻولين جي هڪ خاص خوبي (Apenthesis) يا سر جي آواز ۾ تبديلي آڻڻ واري لاڙي جي به آهي. هي ٻوليون اصل ۾ داردستان واري علائقي جي نسبت سان داردي سڏجن ٿيون. لسانياتي ماهر گريئرسن، ڊاڪٽر مهر عبدالخالق، محمد پرويش شاهين ۽ ٻيا هنن ٻولين کي غير-آريائي ٻوليون قرار ڏين ٿا. داردي قبيلن لاءِ علم انسان جي ماهرن جو خيال آهي ته اهي اصل ۾ دراوڙ آهن ۽ سندن اصل قوميت توراني آهي. هنن ٻولين وارا قبيلا ڇهه هزار سال اڳ سنڌو ماٿري، خيبر پختونخوا صوبي ۽ گنڌار تهذيب جا رهندڙ هئا، جيڪي پوءِ بلوچستان، ڪوهستان، گلگت، دير، باجوڙ، سوات ۽ ڪوهستان ۾ وڃي آباد ٿيا. ڊاڪٽر بلوچ لکيو آهي ته داردي ٻولي لهندا ۽ ڪشميريءَ وانگر سنڌيءَ جي ڀيڻ آهي. ڊاڪٽر گريئرسن هن کي سئنڌوئي ٻوليءَ جو لهجو ڪري لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو