دارو جي، راجا: ڪتاب ’ترخان نامہ‘ ۾ ميرزا عباس علي بيگ لکي ٿو تہ: ”جڏهن اڪبر بادشاھہ جي حڪم تي ميرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن ميرزا جاني بيگ وڏي بهادريءَ سان سندس مقابلو ڪيو. ’خان خانان‘ جي هٿ هيٺ مختلف فوجي جرنل هئا، جن ۾ راجا دارو جِي بہ وڙهي رهيو هو. راجا داروجي ايڏو تہ بھادر ۽ دلير هو، جو هو هميشہ بنا زرھہ ۽ ڍال جي وڙهندو هو ۽ هڪ ئي وار سان گهٽ ۾ گهٽ چار پنج مخالف قتل ڪري وجهندو هو. داروجي پنج هزاري منصب تي فائز هو. جڏهن ميرزا جاني بيگ، راجا داروجيءَ جي لشڪر تي حملو ڪيو تہ راجا داروجي مخالفن جي وچ ۾ گهيرجي ويو، پر پوءِ بہ وڙهندو رهيو، انهيءَ دوران کيس شديد زخم رسيا ۽ هن پنھنجي سپاهين کي حڪم ڏنو تہ جلد مون کي منهنجي خيمي ۾ پھچايو. راجا داروجي ڪجهہ هفتن جي علاج کانپوءِ ٻيهر وڙهڻ جي قابل ٿيو. اهو واقعو 1000ھہ/1591ع جو آهي.“